معروف سماجي شخصيت ۽ ايڌي فائونڊيشن جي سربراھ عبدالستار ايڌي جي علالت تي جناب الطاف حسين جي طرفان ڳڻتي جو اظهار
ڪراچي: 16 اپريل 2016
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين معروف سماجي شخصيت ۽ ايڌي فائونڊيشن جي سربراھ عبدالستار ايڌي جي علالت تي وڏي ڳڻتي جو اظهار ڪندي انهن جي جلد و مڪمل صحتيابي جي لاءِ دعا ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين ايم ڪيو ايم جي سمورن ڪارڪنن ۽ عوام کي اپيل ڪئي آهي ته اهي عبدالستار ايڌي جي جلد و مڪمل صحتيابي جي لاءِ الله تعالٰي جي حضور خصوصي دعائون ڪن. واضع رهي ته عبدالستار ايڌي هن وقت سخت بيمار آهن ۽ اهي هڪ اسپتال ۾ زير علاج آهن.
*****