Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

سپريم ڪورٽ جي طرفان ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جي چونڊ ڳجهي ووٽنگ جي ذريعي ڪرائڻ جي فيصلي جو ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان زبردست خير مقدم


سپريم ڪورٽ جي طرفان ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جي چونڊ ڳجهي ووٽنگ جي ذريعي ڪرائڻ جي فيصلي جو ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان زبردست خير مقدم
 Posted on: 4/15/2016
سپريم ڪورٽ جي طرفان ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جي چونڊ ڳجهي ووٽنگ جي ذريعي ڪرائڻ جي فيصلي جو ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان زبردست خير مقدم
ڪراچي: 15 اپريل 2016 
                    متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي سپريم ڪورٽ جي طرفان ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جي چونڊ ڳجهي ووٽنگ جي ڪرائڻ جي فيصلي جو زبردست خير مقدم ڪيو آهي ۽ ان کي حق ۽ سچ جي فتح قرار ڏنو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي کان پوءِ ثابت ٿي ويو آهي ته سنڌ حڪومت ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جي چونڊ جي لاءِ انصاف کان ڪم نه ورتو هو ۽ چونڊ شيڊول جي اعلان کان پوءِ چونڊ قانونن ۾ ترميمون ڪري مڪاني چونڊ کي انهن جي اختيارن ۽ وسيلن کان محروم رکڻ جي ڪوشش ڪئي هئي جيڪو جمهوري حڪومت جو سراسر غير جمهوري قدم آهي. رابطا ڪميٽي ميئر، ڊپٽي ميئر ۽ وائيس چيئرمينن جي چونڊ ڳجهي ووٽنگ جي ذريعي ڪرائڻ تي ڪراچي ۽ سنڌ سميت سڄي ملڪ جي ميئرن، ڊپٽي ميئرن ۽ وائيس چيئرمينن کي دلي مبارڪباد پيش ڪندي چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جو اهو فيصلو مظلومن ۽ محرومن جي فتح آهي . رابطا ڪميٽي چيف جسٽس آف پاڪستان انور ظهير جمالي ۽ 3 رڪني بينچ ۾ شامل سمورن جج صاحبان کي به سلام تحسين پيش ڪندي چيو ته سپريم ڪورٽ اهو فيصلو ڏيئي ڪري هڪ تاريخ رقم ڪئي آهي. 
*****

4/25/2024 9:10:00 AM