Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

نام نهاد مفاد پرست ۽ ضمير فروشن جو ٽولو ايم ڪيو ايم ليبرڊويزن جي ڪارڪنن کي پاڻ سان ملائڻ جي لاءِ ڌمڪيون ڏيئي رهيو آهي. ليبرڊويزن انچارج اسد ڪاظمي


نام نهاد مفاد پرست ۽ ضمير فروشن جو ٽولو ايم ڪيو ايم ليبرڊويزن جي ڪارڪنن کي پاڻ سان ملائڻ جي لاءِ ڌمڪيون ڏيئي رهيو آهي. ليبرڊويزن انچارج اسد ڪاظمي
 Posted on: 4/14/2016
نام نهاد مفاد پرست ۽ ضمير فروشن جو ٽولو ايم ڪيو ايم ليبرڊويزن جي ڪارڪنن کي پاڻ سان ملائڻ جي لاءِ ڌمڪيون ڏيئي رهيو آهي. ليبرڊويزن انچارج اسد ڪاظمي
ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس
ڪراچي: 14 اپريل 2016 
                   ايم ڪيو ايم ليبرڊويزن جي انچارج اسد ڪاظمي چيو آهي ته ضمير فروش ۽ نام نهاد مفاد پرستن جو ٽولو تحريڪ ۾ پنهنجا مفاد حاصل ڪرڻ جي لاءِ داخل ٿيو هو ۽ اهو ٽولو ليبر ڊويزن جي ڪارڪنن کي پاڻ سان ملائڻ جي لاءِ ڪارڪنن کي ڌمڪيون به ڏيئي رهيو آهي. جڏهن ته ڪارڪنن جي انڪار ڪرڻ تي ڪارڪنن جي گرفتارين ۾ به وڏي تيزي اچي وئي آهي.انهن خيالن جو اظهار انهن ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ليبرڊويزن جا ٻيا ذميوار به موجود هئا.  اسد ڪاظمي چيو ته ليبرڊويزن جو مقصد پاڪستان جي پورهيت طبقي تائين جناب الطاف حسين جو پيغام پهچائڻ آهي. ڇو ته دنيا ۾ جتي به انقلاب آيو آهي ته ان ۾ پورهيت طبقي ئي اهم ڪردار ڪيو آهي.انهن چيو ته ليبر ڊويزن جو مقصد به پاڪستان جي پورهيت طبقي کي ان جا جائز حق ڏيارڻ آهي. اڄ اسان وڏي فخر سان چئون ٿا ته ليبرڊويزن جو پورهيت طبقو ڪالھھ به قائد تحريڪ جناب الطاف حسين سان گڏ هو ۽ اڄ به گڏ آهي ۽ هميشه گڏ رهندو. انهن چيو ته نام نهاد مفاد پرسٽ ٽولي پنهنجا مفاد حاصل ڪرڻ کان پوءِ مختلف بهانا بڻائي ڪري تحريڪ کان دوري اختيار ڪئي ۽ تقريبن ٽن سالن کان پوءِ  اڻ ڏٺل قوتن جي اشارن تي اهو واپس اچي ڪري ڏڦيڙ پيدا ڪري رهيو آهي. انهن چيو ته ان ٽولي کي فنڊ ڪير ڏيئي رهيو آهي؟ انهن چيو ته ان ٽولي جو مقصد صرف ۽ صرف مائنس الطاف حسين فارمولي تي ڪم ڪرڻ آهي پر اهو پنهنجن مقصدن ۾ ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندو. انهن چيو ته مصطفٰي ڪمال فشريز ۾ ٻن روپين جي پرچي ڪٽيندو هو. ان شخص کي تحريڪ عزت ڏيئي ڪري نائن زيرو بورڊ تي تعينات ڪيو. ان کان پوءِ انهن کي ايم پي اي ، وزير، سٽي ناظم ، رابطا ڪميٽي ميمبر ۽ سينيٽر بڻايو.انهن چيو ته انيس قائم خاني حيدرآباد جي گندي نالي تي ٻن ڪمرن جي گهر ۾ رهندا هئا.پر اڄ اهي عاليشان بنگلن جا مالڪ آهن انهن به ڪروڙين روپين جي ڪرپشن ڪئي ۽ انهن جا حيدرآباد ۾ ڪيترائي بنگلا، شاپنگ پلازا، پيٽرول پمپ ۽ شادي هال آهن.انهن چيو ته انيس قائم خاني گوسڙو ملازم به هو. انهن چيو ته مصطفٰي ڪمال انهن کي ضابطي جي خلاف ورزي ڪندي واٽر بورڊ جو بنگلو ڏنو هو جڏهن ته انهن وٽ GS-9190  ڪرولا ڪار رٽائر ٿيڻ کان پوءِ به موجود آهي. انهن چيو ته وسيم آفتاب ڪراچي ۾ چائينا ڪٽنگ جا بادشاھ هئا. انهن ڪراچي ۾ ڪيترن ئي فلاحي پلاٽن کي وڪڻي ڪري اربين روپيا ڪمايا. انهن چيو ته وسيم آفتاب به 19 هين گريڊ جا ملازم آهن ۽ اهي به گوسڙو ملازم آهن. انهن وٽ به سرڪاري گاڏي نمبر GS-9359  ڪرولا ۽ GL-5467  ڪالٽس پيٽرول سميت زير استعمال آهن ۽ گرومندر تي ڪي ايم سي جو فليٽ به آهي. انهن چيو ته رضا هارون آئي ٽي جو وزير هو. انهن جي عياشين جا چرچا به عام هئا. انهن جي ڀاڻيجي جيڪا ڪي پي ٽي ۾ ڊپٽي مينيجر ايڇ آر جي حيثيت سان ڪم ڪري رهي آهي. انهن ڪي پي ٽي جي مينيجر سان شادي ڪئي ۽ ڪرپشن جو بازار گرم ڪيو. انهن چيو ته ڊاڪٽر صغير کي الطاف حسين ڀاءُ منسٽر بڻايو . پر انهن به ڪروڙين روپيا هڪ عورت تي لٽايا جن سان انهن جا ناجائز تعلقات آهن. انهن چيوته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ڪروڙين ماڻهن جا قائد آهن ۽ ليبر ڊويزن جو هڪ هڪ ڪارڪن جناب الطاف حسين سان گڏ آهي ۽ مرڻ گهڙي تائين جناب الطاف حسين گڏ رهندو. 
*****

4/15/2024 11:28:08 PM