ممتاز عالم دين ۽ جامعه ستاريه جي ناظم شيخ الحديث مولانا مفتي محمد ادريس سلفي جي وفات تي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان تعزيت جو اظهار
ڪراچي: 13 اپريل 2016
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي ممتاز عالم دين ۽ جامعه ستاريه جي ناظم شيخ الحديث مولانا مفتي محمد ادريس سلفي جي وفات تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ تعزيتي بيان ۾ رابطا ڪميٽي مرحوم جي سمورن سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي انهن کي صبر جي تلقين ڪئي. رابطا ڪميٽي دعا ڪئي ته الله تعالٰي مرحوم کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ سوگوار پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي.آمين.
*****