ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جو پڪا قلعه حيدرآباد جي ڀت ڪرڻ سان ڪيترن ئي ماڻهن جي زخمي ٿيڻ تي افسوس جو اظهار
ڪراچي: 11 اپريل 2016
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي حيدرآباد ۾ پڪا قلعه جي ڀت ڪرڻ جي نتيجي ۾ ڪيترن ئي ماڻهن جي زخمي ٿيڻ تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته حيدرآباد پڪا قلعه هڪ تاريخي ورثو آهي. ان جي سار سنڀال حڪومت جي ذميواري آهي پر سنڌ حڪومت ان جي مرمت جي لاءِ ڪي به قدم نه کڻي رهي آهي. رابطا ڪميٽي پڪا قلعه حيدرآباد جي ڀت ڪرڻ جي نتيجي ۾ زخمي ٿيندڙن جي جلد و مڪمل صحتيابي جي لاءِ دعا به ڪئي.