ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي تنظيمي نظم و ضبط جي سنگين خلاف ورزي تي اي پي ايم ايس او جي سابق مرڪزي عهديدارن وحيد الزمان، توصيف اعجاز ۽ عادل خان جي پارٽي رڪنيت کي ختم ڪري ڇڏيو
ذميوار ۽ ڪارڪن مذڪوره ماڻهن سان ڪنهن به قسم جو رابطو نه رکن.رابطا ڪميٽي
ڪراچي: 11 اپريل 2016
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي تنظيمي نظم و ضبط جي سنگين خلاف ورزي تي اي پي ايم ايس او جي سابق مرڪزي عهديدارن وحيد الزمان، توصيف اعجاز ۽ عادل خان کي پارٽي جي بنيادي رڪنيت کان خارج ڪري ڇڏيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي اي پي ايم ايس او، ٽائونن ۽ يوسين جي سمورن ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي اپيل ڪئي آهي ته اهي مذڪوره ماڻهن سان ڪنهن به قسم جو رابطو نه رکن.