ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي ڪنوينر نديم نصرت جو ايم ڪيو ايم آمريڪا جي سينيئر ذميوار جنيد فهمي جي گهر واري جي علالت تي وڏي ڳڻتي جو اظهار
لنڊن: 12 اپريل 2016
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ڪنوينر نديم نصرت ايم ڪيو ايم آمريڪا جي سينيئر ذميوار جنيد فهمي جي گهر واري جي علالت تي وڏي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي ۽ انهن جي جلد و مڪمل صحتيابي جي لاءِ دعا به ڪئي آهي. واضع رهي ته جنيد فهمي جي گهر واري گذريل هڪ هفتي کان سخت بيمار آهن ۽ اهي آمريڪا جي هڪ اسپتال ۾ زير علاج آهن. نديم نصرت ڪارڪنن کي اپيل ڪئي ته اهي جنيد فهمي جي گهر واري جي صحتيابي جي لاءِ دعائون ڪن.