Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ننڍي چونڊ ۾ شاندار ڪاميابي تي ايم ڪيو ايم آمريڪا جي سمورن شهرن ۾ خوشي جي لهر، مٺايون به ورهايون ويون


ننڍي چونڊ ۾ شاندار ڪاميابي تي ايم ڪيو ايم آمريڪا جي سمورن شهرن ۾ خوشي جي لهر،  مٺايون به ورهايون ويون
 Posted on: 4/9/2016 1
ننڍي چونڊ ۾ شاندار ڪاميابي تي ايم ڪيو ايم آمريڪا جي سمورن شهرن ۾ خوشي جي لهر،  مٺايون به ورهايون ويون
واشنگٽن: 9 اپريل 2016 
                   اين اي 245 ۽ پي ايس 115 ۾ شاندار ڪاميابي جي خوشي ۾ ايم ڪيو ايم آمريڪا جي طرفان آمريڪا جي سمورن شهرن ۾ جشن ملهايو ويو ۽ مٺايون به ورهايون ويون. ان موقعي تي ايم ڪيو ايم آمريڪا جي سينٽرل آرگنائيزر متين يوسف ڳالھھ ٻولھھ ڪندي چيو ته ننڍي چونڊ ۾ شاندار ڪاميابي مخالفن جي سمورن الزامن کي ڪوڙو ۽ بي بنياد ثابت ڪري ڇڏيو آهي. انهن چيو ته تمام تر الزامن ۽ سازشن جي باوجود حق پرست اميدوارن جي ڪاميابي مخالفن جي منھھ تي هڪ زوردار ٿپ آهي. انهن چيو ته مخالفن قائد تحريڪ  جناب الطاف حسين ۽ ايم ڪيو ايم تي الزامن جي ڀرمار ڪري ڇڏي هئي پر انهن سيٽن تي ايم ڪيو ايم جي ڪاميابي سان ايم ڪيو ايم جو گراف تمام گهڻو وڌي چڪو آهي. ڇو ته ايم ڪيو ايم مخالف اهو پروفيگنڊو ڪري رهيا هئا ته ايم ڪيو ايم جو گراف ڪري چڪو آهي. ان موقعي تي ايم ڪيو ايم آمريڪا جي جوائنٽ آرگنائيزر عارف صديقي به ڳالھھ ٻولھھ ڪئي. آخر ۾ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي وڏي عمر، صحت و تندرستي ۽ شهيدن جي بلند درجات جي لاءِ دعائون به ڪيون ويون.
*****

4/18/2024 2:36:46 PM