ڪراچي اين اي 245 ۽ پي ايس 115 جي ننڍي چونڊ ۾ حق پرست اميدوارن جي ڪاميابي جي خوشي ۾ ايم ڪيو ايم حيدرآباد زون جي تحت هوم اسٽينڊ هال ۾ ٻه رڪعتون شڪراني جا نفل ادا ڪيا ويا
حيدرآباد: 9 اپريل 2016
ڪراچي اين اي 245 ۽ پي ايس 115 جي ننڍي چونڊ ۾ حق پرست اميدوارن جي شاندار ڪاميابي جي خوشي ۾ ايم ڪيو ايم حيدرآباد زون جي تحت هوم اسٽينڊ هال ۾ ٻه رڪعتون شڪراني جا نفل ادا ڪيا ويا. نماز شڪراني ۾ رابطا ڪميٽي ميمبرن عبدالحسيب، اقبال مقدم، سي اي سي ۽ ايس ٽي سي ميمبرن، حيدرآباد زونل انچارج ظفر خان، اسيمبلي ميمبرن، سيڪٽر و يونٽ جي ذميوارن، ڪارڪنن ۽ حق پرست عوام وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.نفل ادا ڪرڻ کان پوءِ رابطا ڪميٽي ميمبر عبدالحسيب قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي صحت و سلامتي، وڏي عمر، شهيدن جي بلند درجات ۽ تحريڪ جي ڪاميابي جي لاءِ دعا به ڪرائي.
*****