ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان سپرهائي وي ٽول پلازه جي ويجهو ڪوچ ۽ ٽرالر جي وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ ڪجھھ ماڻهن جي هلاڪ ۽ زخمي ٿيڻ تي وڏي ڏک جو اظهار
ڪراچي: 9 اپريل 2016
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي سپر هائي وي ٽول پلازه جي ويجهو ڪوچ ۽ ٽرالر جي وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ ڪيترن ئي ماڻهن جي هلاڪ ۽ زخمي ٿيڻ تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته ٽريفڪ حادثن جو وڌڻ وڏي افسوسناڪ ڳالھھ آهي ۽ انهن حادثن جي روڪٿام جي لاءِ حڪومت کي فوري اپاءَ وٺڻ گهرجن.رابطا ڪميٽي ان حادثي ۾ هلاڪ ٿيندڙ ماڻهن جي پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظها ڪندي انهن جي مغفرت جي لاءِ دعا به ڪئي. رابطا ڪميٽي ان حادثي ۾ زخمي ٿيندڙ ماڻهن جي جلد و مڪمل صحتيابي جي لاءِ دعا به ڪئي.
*****