Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

اسان ايم ڪيو ايم ۽ اسٽيبلشمينٽ جي وچ ۾ غلط فهمين جو خاتمو چاهيون ٿا. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين


اسان ايم ڪيو ايم ۽ اسٽيبلشمينٽ جي وچ ۾ غلط فهمين جو خاتمو چاهيون ٿا. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
 Posted on: 4/8/2016 1
اسان ايم ڪيو ايم ۽ اسٽيبلشمينٽ جي وچ ۾ غلط فهمين جو خاتمو چاهيون ٿا. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
جيڪي اسان جون غلطيون آهن اسان انهن کي تسليم ڪرڻ جي لاءِ تيار آهيون ، اهڙي طرح جيڪو اسان جي ڪارڪنن جو ماورائي عدالت قتل ٿيو آهي ۽ جيڪي لاپتا ٿيا آهن انهن جي ذميوارن جو به تعين ٿيڻ گهرجي ۽ ان مسئلي جو به حل ڪڍيو وڃي.
وزير اعظم ۽ اسٽيبلشمينٽ پنجاب ۾ هڪ مذهبي جماعت جي طرفان عدالتون قائم ڪرڻ جو نوٽس وٺن.
نائن زيرو ۽ حيدرآباد زونل آفيس ۾ ننڍي چونڊ جي مبارڪباد ڏيڻ جي لاءِ گڏ ٿيندڙ ڪارڪنن ۽ همدردن کي خطاب
لنڊن: 8 اپريل 2016 
                 متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته اسان ايم ڪيو ايم ۽ اسٽيبلشمينٽ جي وچ ۾ غلط فهمين جو خاتمو چاهيون ٿا. اسان جهيڙو ۽ تڪرار نه بلڪه امن ۽ مفاهمت جي فضا چاهيون ٿا. انهن خيالن جو اظهار انهن رات نائن زيرو ۽ حيدرآباد زونل آفيس ۾ ننڍي چونڊ جي مبارڪباد ڏيڻ جي لاءِ گڏ ٿيندڙ ڪارڪنن ۽ همدردن کي خطاب ڪندي فرمايو. جناب الطاف حسين سمورن ڪارڪنن ۽ عوام کي اين اي 245  ۽ پي ايس 115 تي ٿيندڙ ننڍي چونڊ ۾ ڪاميابي جي مبارڪباد به پيش ڪئي ۽ ان سلسلي ۾ ڏينهن رات ڪم ڪرڻ تي ايم ڪيو ايم جي سمورن ڪارڪنن، ذميوارن، ڪائونسلرن، يوسي چيئرمينن، اسيمبلي ميمبرن، سي اي سي ميمبرن ۽ رابطا ڪميٽي کي به خراج تحسين پيش ڪيو. انهن فرمايو ته ڪجھھ ماڻهو اهو چئي رهيا آهن ته کٽي ته ويا پر ٽرن آئوٽ گهٽ رهيو. انهن ان ڳالھھ سان اتفاق ڪندي فرمايو ته ان جو سبب اهو آهي ته هڪ ته تڪ ۾ عام موڪل نه هئي، ٻيو سبب اهو آهي ته اسان جي خلاف وڏي وقت کان آپريشن هلي رهيو آهي ۽ اسان جي ڪارڪنن ۽ ذميوارن کي گرفتار ڪيو پيو وڃي. اڄ ئي ڪراچي تنظيمي ڪميٽي جي سابق ميمبر ۽ سينيئر ساٿي عظيم کي جيڪي ووٽ وجهي ڪري واپس وڃي رهيا هئا ته انهن کي گرفتار ڪيو ويو. لائينز ايريا ۾ حقيقي جي دهشت گردن جي طرفان ايم ڪيو ايم جي آفيسن کي ساڙيو ويو. ڪارڪنن ۽ عورتن کي مارڪٽ ڪئي وئي. اسان جي اسيمبلي ميمبرن جي رابطو ڪرڻ تي پوليس حقيقي جي دهشت گردن کي روڪيو، پر پوليس جي گهٽ هجڻ جي ڪري حقيقي جي دهشت گردن لائينز ايريا ۾ مختلف هنڌن تي ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن تي حملا ڪيا، ڪارڪنن ۽ عورتن کي مارڪٽ ڪئي ،پر لائينز ايريا جي ماڻهن وڏي بهادري جي مثال قائم ڪئي ۽ انهن ايم ڪيو ايم جي اميدوار کي ڪامياب ڪرايو ۽ مخالفن جون ضمانتون ضبط ڪرائي ڇڏيون. جناب الطاف حسين علائقي ۾ امن جي قيام جي سلسلي ۾ محنت ڪرڻ تي مقامي پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن کي به خراج تحسين پيش ڪيو ۽ رينجر جي به سٺي رويي جي تعريف ڪئي. انهن فرمايو ته اسان ايم ڪيو ايم ۽ اسٽيبلشمينٽ جي وچ ۾ غلط فهمين جو خاتمو چاهيون ٿا. اسان جهيڙو يا تڪرار نه بلڪه پيار ۽ محبت جي فضا چاهيون ٿا. اسان ملڪ جي ڀلائي چاهيون ٿا. انهن فرمايو ته لنڊن ۽ جتي جتي به مون تي مقدما قائم آهن اسان انهن جو قانوني طريقي سان سامنو ڪنداسين. انهن فرمايو ته قانون نافذ ڪرڻ وارين ايجنسين ۽ ايم ڪيو ايم جي وچ ۾ جيڪي غلط فهميون آهن اسان انهن جو خاتمو چاهيون ٿا. جيڪي اسان جون غلطيون آهن اسان انهن کي تسليم ڪرڻ جي لاءِ تيار آهيون. اهڙي طرح جيڪي اسان جا ڪارڪن ماورائي عدالت قتل ٿيا آهن. جيڪي لاپتا ٿيا آهن انهن جي ذميوارن جو به تعين ٿيڻ گهرجي ۽ ان مسئلي جو به حل ڪڍيو وڃي. ان مقصد جي لاءِ ڳالهيون ٿيڻ گهرجن ۽ ائين ئي پوري دنيا ۾ ٿئي ٿو. جناب الطاف حسين پي ٽي آئي جي اميدوار امجد الله کي ايم ڪيو ايم ۾ شامل ٿيڻ تي خوش آمديد ڪندي انهن کي چيو ته هاڻي اوهان ايم ڪيو ايم جو حصو ٿي ويا آهيو ۽ جڏهن ڦڙو سمنڊ ۾ ڪري ٿو ته اهو ڦڙو نه ٿو رهي بلڪه سمنڊ بڻجي وڃي ٿو ۽ اهڙي طرح جيڪڏهن سمنڊ مان ڪجھھ بالٽيون پاڻي ڪڍي وٺجي ته ان سان سمنڊ کي ڪوئي به فرق نه ٿو پوي. انهن فرمايو ته ايم ڪيو ايم جا ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز ڏينهن رات ڪم ڪن ٿا ۽ ڪنهن ٻئي پارٽي ۾ ان جي مثال نه ٿي ملي. ايم ڪيو ايم ۾ ليڊر وڏيرو يا جاگيردار نه ٿو ٿئي بلڪه ڪارڪنن جو خادم هجي ٿو. انهن فرمايو ته ايم ڪيو ايم هڪ لبرل، ڊيموڪريٽڪ ۽ روشن خيال سياسي جماعت آهي. ايم ڪيو ايم وڏيراڻه ڪلچر ۽ ڪرپٽ فيوڊل سسٽم جو خاتمو چاهي ٿي. اها ڪرپشن فري ڪلچر قائم ڪرڻ چاهي ٿي. ايم ڪيو ايم سمورين اقليتن جي لاءِ برابري جي سطح تي حق چاهي ٿي ۽ عورتن جي لاءِ به زندگي جي هر شعبي ۾ برابري جي بيناد تي حق چاهي ٿي. ايم ڪيو ايم  غريب ۽ لوئر مڊل ڪلاس کي انهن جو جائز مقام ڏيارڻ چاهي ٿي ۽ غريب نوجوانن کي فني تعليم سان روشناس ڪرائڻ ۽ مائيڪرو فنانسنگ جي ذريعي انهن جي مدد ڪرڻ چاهي ٿي. غريب هارين، ڪڙمين ۽ پورهيتن جي زندگي کي بهتر بڻائڻ چاهي ٿي ۽ سڄي ملڪ ۾ غريبن ۽ اميرن جي لاءِ هڪ جهڙو تعليمي نظام چاهي ٿي. انهن ڪاروڪاري ۽ غيرت جي نالي تي عورتن جي قتل جي به سخت مذمت ڪئي. جناب الطاف حسين فرمايو ته عزيز آباد ۾ منهنجو صرف 120 گزن جو گهر آهي. ان کان علاوه پوري پاڪستان ۾ منهنجو ڪوئي به گهر نه آهي. ڪجھھ ماڻهو چون ٿا ته الطاف حسين جا ٻاهرين ملڪن ۾ هوٽل آهن. انهن فرمايو ته هوٽل ڪائي ماچيس نه آهي جو ان کي کيسي ۾ وجهي ڪري لڪائي ڇڏجي.  جن ايم ڪيو ايم کي ختم ڪرڻ جي لاءِ اربين روپيا خرچ ڪيا ۽ طرح طرح جا الزام لڳايا ، جيڪڏهن منهنجا هوٽل هجن ها ته اهي عوام جي سامهون ضرور آڻين ها. انهن فرمايو ته مان قرض وٺڻ جو نه بلڪه قرض وٺي ڪري معاف ڪرائڻ جي ڪلچر جي خلاف آهيان ۽ هڪ ڀيرو وري حڪومت کي چوان ٿو ته جن به سرڪاري بينڪن کان قرض وٺي ڪري معاف ڪرايا آهن. انهن کان واپس ورتا وڃن. انهن پنجاب ۾ هڪ مذهبي جماعت جي طرفان پنهنجيون عدالتون قائم ڪرڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي فرمايو ته وزير اعظم ۽ اسٽيبلشمينٽ  کي ان جو نوٽس وٺڻ گهرجي. جناب الطاف حسين فرمايو ته جنهن جي به دماغ ۾ ايم ڪيو ايم کي ختم ڪرڻ جو خيال آهي ته اهو ان خيال کي پنهنجي دماغ مان ڪڍي ڇڏي. ايم ڪيو ايم کي الله سائين بڻايو آهي ۽ اهو ئي ان کي ختم ڪري سگهي ٿو. انهن فرمايو ته ان تحريڪ کي ختم ڪرڻ جي لاءِ جيترا ڪارڪن شهيد، زخمي، گرفتار ۽ لاپتا ڪيا ويا آهن. ايترا  ڪنهن ٻئي سياسي جماعت جا نه ڪيا ويا آهن. انهن تمام تر ظلمن ، سازشن ۽ ڏاڍ جي هٿڪنڊن جي باوجود ثابت قدم رهڻ تي ايم ڪيو ايم جي سمورن ڪارڪنن، بزرگن ، امڙين ۽ ڀينرن کي به خراج تحسين پيش ڪيو. 
*****

4/19/2024 10:10:14 AM