ايم ڪيو ايم سوشل فورم جي ميمبر فرح ناز جي علالت تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان ڳڻتي جو اظهار
لنڊن: 6 اپريل 2016
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين گذريل ڏينهن لائينز ايريا جي اليڪشن آفيس ۾ ڳالھھ ٻولھھ ڪئي. ان دوران ايم ڪيو ايم سوشل فورم جي ميمبر فرح ناز جناب الطاف حسين سان ڳالھھ ٻولھھ ڪندي پنهنجي بيماري جي باري ۾ ٻڌايو. ان موقعي تي جناب الطاف حسين فرح ناز جي علالت تي وڏي ڳڻتي جو اظهار ڪندي انهن جي جلد و مڪمل صحتيابي جي لاءِ دعا ڪندي فرمايو ته الله تعالٰي پنهنجي حبيب صلي الله عليه وسلم جي صدقي فرح ناز کي ان موضي مرض کان نجات ڏياري. انهن جي وڏي عمر ڪري ۽ انهن کان هر پريشاني دور ڪري. واضع رهي ته فرح ناز ڪينسر جي مرض ۾ مبتلا آهن.
*****