کارادر ۾ گينگ وار جي دهشت گردن جي طرفان دڪانن تي دستي بم حملن جي مان سخت مذمت ڪريان ٿو. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
لنڊن: 6 اپريل 2016
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ڪراچي جي علائقي کارادر ۾ گينگ وار جي دهشت گردن جي طرفان دڪانن تي دستي بم حملن جي سخت مذمت ڪئي آهي ۽ دستي بم حملي جي زخمين سان دلي همدردي جو اظهار به ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ انهن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته اها واپارين ۽ دڪاندارن کي دهشت گردي جو نشانو بڻائڻ وارن ڏوهارين کي گرفتار ڪري ۽ واپارين کي تحفظ به فراهم ڪري.
*****