Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم ڪينيڊا جي زير اهتمام مختلف شهرن ۾ ميرپورخاص سميت ٻين شهرن ۾ ڪارڪنن ۽ ذميوارن جي گرفتارين ۽ عورتن ۽ ٻارن تي تشدد جي خلاف مظاهرا ڪيا ويا


ايم ڪيو  ايم ڪينيڊا جي زير اهتمام مختلف شهرن ۾ ميرپورخاص سميت ٻين شهرن ۾ ڪارڪنن ۽ ذميوارن جي گرفتارين ۽ عورتن ۽ ٻارن تي تشدد جي خلاف مظاهرا ڪيا ويا
 Posted on: 4/5/2016 1
ايم ڪيو  ايم ڪينيڊا جي زير اهتمام مختلف شهرن ۾ ميرپورخاص سميت ٻين شهرن ۾ ڪارڪنن ۽ ذميوارن جي گرفتارين ۽ عورتن ۽ ٻارن تي تشدد جي خلاف مظاهرا ڪيا ويا
ڪينيڊا: 5 اپريل 2016 
                   ايم ڪيو ايم ڪينيڊا جي زير اهتمام ٽورنٽو، ڪيلگري، مونٽريال، ايڊمنٽن ۽ ٻين شهرن ۾ميرپورخاص ۽ ٻين شهرن ۾ ايم ڪيو ايم جي ذميوارن ۽ ڪارڪنن جي گرفتارين ۽ تشدد جي خلاف ڀرپور احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. مظاهرن ۾ ڪينڊا جي سينٽرل آرگنائيزنگ ڪميٽي جي ذميوارن ۽ ڪارڪنن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي  تي خطاب ڪندي ڪينيڊا جي سينٽرل آرگنائيزر آصف قاضي چيو ته ڀلي ڪيتريون ئي گرفتاريون ڪيون وڃن ۽ ڪيترو ئي ظلم ڪري وٺجي پر ايم ڪيو ايم کي ختم ڪري نه ٿو سگهجي. انهن چيو ته هڪ طرف ته پارليامينٽ ، ميڊيا هائوسز ۽ سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ وارن ۽ روڊن کي بند ڪرڻ وارن مذهبي انتها پسندن سان ته ڳالهيون ڪيون پيون وڃن پر ٻئي طرف ايم ڪيو ايم جي پرامن ڪارڪنن کي گرفتار ڪري انهن تي تشدد ڪيو پيو وڃي. جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. آخر ۾ مظاهري جي شرڪاء ان ڳالھھ جو عهد ڪيو ته ڀلي ڪيترو ئي ظلم ڪيو وڃي پر انهن کي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين کان جدا ڪري نه ٿو سگهجي.
*****

4/19/2024 3:41:14 AM