Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

پي ايس 115 لائينز ايريا ۾ ۾ ننڍي چونڊ جي سلسلي ۾ ڊاڪٽر فاروق ستار جي سربراهي ۾ ريلي ڪڍي وئي


پي ايس  115 لائينز ايريا ۾ ۾ ننڍي چونڊ جي سلسلي ۾ ڊاڪٽر فاروق ستار جي سربراهي ۾ ريلي ڪڍي وئي
 Posted on: 4/5/2016 1
پي ايس  115 لائينز ايريا ۾ ۾ ننڍي چونڊ جي سلسلي ۾ ڊاڪٽر فاروق ستار جي سربراهي ۾ ريلي ڪڍي وئي
ڪراچي: 5 اپريل 2016 
                   پي ايس  115 لائينز ايريا ۾ ننڍي چونڊ جي سلسلي ۾ ڊاڪٽر فاروق ستار جي اڳواڻي ۾ يوسي 10 ۾ ريلي ڪڍي وئي ، جيڪا مختلف علائقن کان ٿيندي ٽائون آفيس تي اختتام پذير ٿي. ان موقعي تي پي ايس 115 جو حق پرست اميدوار فيصل رفيق ۽ ميمبر سنڌ اسيمبلي وقار شاھ به موجود هئا. ريلي کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته لائينز ايريا جي عوام ماضي ۾ به دهشت گردن جو سامنو ڪيو  آهي ۽ هاڻي به انهن کي سرڪاري سرپرستي ۾ حقيقي جي دهشت گردن جو سامنو آهي. پر ايترن ظلمن جي باوجود به اهي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جو ساٿ ڇڏڻ جي لاءِ تيار نه آهن. انهن چيو ته ننڍي چونڊ ۾ اسان جي مخالفن کي ايم ڪيو ايم جي ڪاميابي واضع نظر اچي رهي آهي ۽ انهي جي ڪري اهي تشدد ۽ شرپسندي تي لهي آيا آهن. انهن چيو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي قيادت ۾ مظلوم عوام متحد ۽ منظم آهن ۽ هر اليڪشن وانگر هن اليڪشن ۾ به اهي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي اميدوارن کي ئي ووٽ ڏيئي ڪري ڪامياب بڻائيندا. انهن ريلي جي شرڪاء کي اپيل ڪئي ته اهي 7 اپريل تي ٿيندڙ ننڍي چونڊ ۾ حق پرست اميدوار فيصل رفيق کي وڏي تعداد ۾ ووٽ ڏيئي ڪري ڪامياب بڻائين ۽ مخالفن جون ضمانتون ضبط ڪرائي ڇڏين. 
*****

4/23/2024 9:37:31 PM