ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان ڪي پي ڪي ۽ گلگت بلتستان ۾ سيلاب سان ٿيندڙ تباهي تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار
ڪراچي: 4 اپريل 2016
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي ڪي پي ڪي ۽ گلگت بلتستان ۾ سيلاب سان ٿيندڙ جاني و مالي نقصان تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. رابطا ڪميٽي ڪي پي ڪي ۽ گلگت بلتستان جي حڪومت جي ناقص ڪارڪردگي تي وڏي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته سيلاب کان اڳ ڪي پي ڪي ۽ گلگت بلتستان جي حڪومتن جي طرفان حفاظتي قدم نه کڻڻ جي ڪري ايتري وڏي تعداد ۾ قيمتي جانيون ضايع ٿيون آهن، جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. رابطا ڪميٽي اعلٰي حڪام کان مطالبو ڪيو ته اهي متاثرن جي جلد کان جلد بحالي جي لاءِ فوري طور تي قدم کڻڻ.رابطا ڪميٽي سيلاب ۾ هلاڪ ٿيندڙ ماڻهن جي پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار به ڪيو ۽ هلاڪ ٿيندڙن جي لاءِ مغفرت جي دعا به ڪئي.
*****