ايم ڪيو ايم ليبر ڊويزن جي جوائنٽ انچارج ارشد انصاري جي ڀاءُ اشرف انصاري جي وفات تي رابطا ڪميٽي جي طرفان تعزيت جو اظهار
ڪراچي: پهرين اپريل 2016
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي ايم ڪيو ايم ليبر ڊويزن جي جوائنٽ انچارج ارشد انصاري جي ڀاءُ اشرف انصاري جي وفات تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ تعزيتي بيان ۾ رابطا ڪميٽي ارشد انصاري مرحوم جي سمورن سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي انهن کي صبر جي تلقين ڪئي. رابطا ڪميٽي دعا ڪئي ته الله تعالٰي مرحوم کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي.آمين.
ان کان علاوه مرحوم کي نيو ڪراچي نمبر 6 جي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. ان کان اڳ مرحوم جي جنازي نماز جامع مسجد اڪبري ۾ ادا ڪئي وئي. نماز جنازه ۽ تدفين ۾ رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينر ڪهف الورٰي، رابطا ڪميٽي ميمبرن، اسيمبلي ميمبرن ۽ ٻين کان علاوه ڪارڪنن ۽ مرحوم جي مٽن مائٽن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. مرحوم جو ٽيجهو 3 اپريل بروز آچر تي مرحوم جي رهائشگاھ تي منعقد ڪيو ويندو.
*****