اي پي اين ايس جي نون چونڊيل عهديدارن کي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر فاروق ستار جي طرفان مبارڪباد پيش
ڪراچي: پهرين اپريل 2016
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر فاروق ستار پاڪستان نيوز پيپر سوسائٽي جي جنرل ڪائونسل جي سالانه اجلاس ۾ نون چونڊيل اي پي اين ايس جي عهديدارن کي دلي مبارڪباد پيش ڪئي آهي. پنهنجي هڪ مبارڪباد جي بيان ۾ ڊاڪٽر فاروق ستار سرمد علي کي اي پي اين ايس جو صدر، رميزه مجيد نظامي ۽ ممتاز اي طاهر کي نائب صدر ۽ عمر مجيد شامي کي سيڪريٽري جنرل چونڊجڻ تي مبارڪباد پيش ڪئي آهي. انهن اميد ظاهر ڪئي ته اي پي اين ايس جا نوان چونڊيل عهديدار پرنٽ ميڊيا سان ٿيندڙ ناانصافين ۽ انهن کي نظر انداز ڪرڻ جي عمل کي روڪرائڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندا ۽ صحافين جي مسئلن جي حل جي لاءِ به پنهنجيون صلاحيتون استعمال ۾ آڻيندا.
*****