Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

شر پسند ٽولي جي طرفان ميرپورخاص ۾ عورتن ۽ صحافين سان بدتميزي ۽ انهن کي تشدد جو نشانو بڻائڻ قابل مذمت آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي


شر پسند ٽولي جي طرفان ميرپورخاص ۾ عورتن ۽ صحافين سان بدتميزي ۽ انهن کي تشدد جو نشانو بڻائڻ قابل مذمت آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي
 Posted on: 3/31/2016
شر پسند ٽولي جي طرفان ميرپورخاص ۾ عورتن ۽ صحافين سان بدتميزي ۽ انهن کي تشدد جو نشانو بڻائڻ قابل مذمت آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي
ڪراچي: 31 مارچ 2016 
                  متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي ميرپورخاص ۾ پوسٽ آفيس چوڪ جي ويجهو داخل ٿيندڙ شرپسند گروپ جي طرفان عورتن سان بدتميزي ڪرڻ ۽ انهن کي تشدد جو نشانو بڻائڻ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته شرپسند ٽولي جي طرفان اها ڪريل حرڪت انهن جي ارادن کي صاف ظاهر ڪري ٿي ته انهن جي نيت ڇا آهي.رابطا ڪميٽي چيو ته عورتن کي هن سماج ۾ انتهائي احترام جي نظر سان ڏٺو وڃي ٿو ۽ پاڪستان جو ڪوئي به مهذب شهري عورتن سان اهڙي بدتميزي واري سلوڪ کي برداشت ڪري نه ٿو سگهي. انهن چيو ته عورتن تي تشدد ۽ بدتميزي جي واقعي تي اتي موجود پاڙي وارن ۽ دڪاندارن ۾ تاءُ پکڙجي ويو. جنهن جي ڪري انهن شر پسند ٽولي کي اتان ڀڄڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. رابطا ڪميٽي چيو ته اهڙي طرح شر پسند ٽولي اتي موجود مختلف ٽي وي چينلن جي ڊي ايس اين جيز تي به حملا ڪيا ۽ انهن تي به تشدد ڪيو. رابطا ڪميٽي وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ ۽ وزير داخلا سنڌ کان مطالبو ڪيو ته اهي انهن ڪريل حرڪتن ۾ ملوث ڏوهارين شاهد رحمٰن ۽ محمد عارف سميت ٻين شرپسندن کي فوري طور تي گرفتار ڪرڻ جو حڪم جاري ڪن ۽ انهن کي قانون جي مطابق سخت ترين سزا به ڏني وڃي. رابطا ڪميٽي زخمي ٿيندڙ امڙين ۽ ڀينرن جي جلد و مڪمل صحتيابي جي لاءِ دعا به ڪئي. 
*****

4/29/2024 12:02:07 PM