Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

جيڪي وحشي دهشت گرد سانحه گلشن پارڪ ۾ ملوث آهن. انهن کي فوري طور تي گرفتار ڪري عبرتناڪ انجام تائين پهچايو وڃي.ڊاڪٽر فاروق ستار


جيڪي وحشي دهشت گرد سانحه گلشن پارڪ ۾ ملوث  آهن. انهن کي فوري طور تي گرفتار ڪري عبرتناڪ انجام تائين پهچايو وڃي.ڊاڪٽر فاروق ستار
 Posted on: 3/29/2016
جيڪي وحشي دهشت گرد سانحه گلشن پارڪ ۾ ملوث  آهن. انهن کي فوري طور تي گرفتار ڪري عبرتناڪ انجام تائين پهچايو وڃي.ڊاڪٽر فاروق ستار
ڪراچي يونيورسٽي ۾ هڪ تقريب کي خطاب 
ڪراچي: 29 مارچ 2016 
                   اي  پي ايم ايس او جي زير اهتمام ڪراچي يونيورسٽي ۾ 14 هين امن ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته هڪ اهڙي وقت ۾ جڏهن پاڪستان انتها پسندي ۽ دهشت گردي ۾ وڪوڙيل آهي.ته اي پي ايم ايس او جي طرفان ان ٽورنامينٽ جي انقعاد  تي مان اي پي ايم ايس او کي زبردست خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. انهن چيو ته گذريل ڪيترن ئي سالن کان آدمشماري نه ڪرائي وئي آهي ۽ هاڻي مڪاني اليڪشن به ڪرايا ويا آهن ته اهي سپريم ڪورٽ جي حڪم تي ڪرايا ويا آهن ۽ هاڻي مڪاني نمائندن کي اختيار به نه پيا ڏنا وڃن جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. ان موقعي تي انهن سانحه گلشن پارڪ ۾ شهيد ٿيندڙ  ماڻهن جي مغفرت جي لاءِ دعا  به ڪئي ۽ زخمي ٿيندڙن جي جلد و مڪمل صحتيابي جي لاءِ به دعا ڪئي. انهن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته جيڪي وحشي دهشت گرد ان دهشت گردي جي واقعي ۾ ملوث آهن انهن کي جلد کان جلد گرفتار ڪري عبرتناڪ انجام تائين پهچايو وڃي. 
*****

4/29/2024 4:03:57 PM