اين اي 245 ۽ پي ايس 115 تي ننڍي چونڊ جي سلسلي ۾ ايم ڪيو ايم جي اميدوارن جي طرفان ڪارنر ميٽنگن جو سلسلو جاري
ڪراچي: 29 مارچ 2016
اين اي 245 ۽ پي ايس 115 تي ننڍي چونڊ جي سلسلي ۾ ايم ڪيو ايم جي اميدوارن جي طرفان ڪارنر ميٽنگن جو سلسلو جاري آهي.ان سلسلي ۾ اين اي 245 جي حق پرست اميدوار محمد ڪمال ناظم آباد جي يوسين 47 ، 17 16 ،18 ،21 ۽22 ۾ ڪارنر ميٽنگ جو انعقاد ڪيو . جڏهن ته پي ايس 115 تي ايم ڪيو ايم جي اميدوار فيصل رفيق لائينز ايريا جي يوسي 10 ۾ ڪارنر ميٽنگ جو انعقاد ڪيو . انهن ڪارنر ميٽنگن ۾ ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي ميمبرن، اسيمبلي ميمبرن ۽ ٻين به شرڪت ڪئي. ان موقعي تي حق پرست اميدوارن عوام کي اپيل ڪئي ته اهي حق پرست اميدوارن کي وڏي تعداد ۾ ووٽ ڏيئي ڪري ڪامياب ڪرائين.
*****