Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

پي پي جي باني ذوالفقار علي ڀٽي شهيد جي ورسي جو خرچ سنڌ حڪومت جي طرفان پنهنجي مٿان کڻڻ تي سنڌ اسيمبلي ۾ حق پرست اپوزيشن ليڊر خواجه اظهار الحسن جي طرفان مذمت جو اظهار


پي پي جي باني ذوالفقار علي ڀٽي شهيد جي ورسي جو خرچ  سنڌ حڪومت جي طرفان پنهنجي مٿان کڻڻ تي سنڌ اسيمبلي ۾ حق پرست اپوزيشن ليڊر خواجه اظهار الحسن جي طرفان مذمت جو اظهار
 Posted on: 3/29/2016
پي پي جي باني ذوالفقار علي ڀٽي شهيد جي ورسي جو خرچ  سنڌ حڪومت جي طرفان پنهنجي مٿان کڻڻ تي سنڌ اسيمبلي ۾ حق پرست اپوزيشن ليڊر خواجه اظهار الحسن جي طرفان مذمت جو اظهار
ڪراچي: 29 مارچ 2016 
                  سنڌ اسيمبلي ۾ ايم ڪيو ايم جي اپوزيشن ليڊر خواجه اظهار الحسن پي پي جي باني ذوالفقار علي ڀٽي شهيد جي ورسي جو خرچ  سنڌ حڪومت جي طرفان پنهنجي مٿان کڻڻ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته عوام جو پيسو سنڌ حڪومت جي طرفان پنهنجي پارٽي جي ڪنهن به ليڊر جي ورسي تي استعمال ڪرڻ وڏي شرم جي ڳالھھ آهي . پنهنجي هڪ بيان ۾ انهن چيو ته ذوالفقار علي ڀٽي شهيد جي ورسي جي خرچن جي لاءِ وزير اعلٰي سنڌ جي چوڻ تي ناڻي کاتي اڍائي ڪروڙ روپيا جاري ڪيا آهن. جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته پي پي جي سنڌ حڪومت عوامي خزاني کي نه صرف لٽي رهي آهي بلڪه ان کي پنهنجي پارٽي جي مفادن جي لاءِ به استعمال ڪري رهي آهي. جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. انهن چيو ته ايم ڪيو ايم سنڌ حڪومت جي طرفان ذوالفقار علي ڀٽي شهيد جي ورسي جي خرچن جو بار قومي خزاني تي وجهڻ جي معاملي جي خلاف قرارداد سنڌ اسيمبلي ۾ پيش ڪندي ۽ ان جي خلاف هر سطح تي آواز به اٿاريندي. انهن وزير اعظم ميان نواز شريف ۽ وفاقي وزير خزانه اسحاق ڊار کان مطالبو ڪيو ته اهي ان غير قانوني ۽ غير آئيني معاملي جو سختي سان نوٽس وٺن .
*****

4/29/2024 1:22:09 PM