عوام ۽ ڪارڪن عالمي شهرت يافته قوال حاجي غلام فريد صابري جي عرس مبارڪ ۾ وڌ کان وڌ تعداد ۾ شرڪت ڪن. ايم ڪيو ايم ڪنوينر نديم نصرت
لنڊن: 29 مارچ 2016
متحده قومي موومينٽ جي ڪنوينر نديم نصرت عوام ۽ ڪارڪنن کي اپيل ڪئي آهي ته اهي عالمي شهرت يافته قوال حاجي غلام فريد صابري جي 22 هين عرس ۾ وڌ کان وڌ تعداد ۾ شرڪت ڪري مرحوم کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪن. پنهنجي هڪ بيان ۾ نديم نصرت چيو ته حاجي غلام فريد صابري قوالي جي دنيا ۾ هڪ وڏو مقام رکندا هئا. انهن جي وفات سان پيدا ٿيندڙ ان خلا کي اڄ تائين به ڀري سگهيو نه ويو آهي. واضع رهي ته حاجي غلام فريد مرحوم جو 22 هون عرس مبارڪ 5 اپريل 2016 بروز اڱاري تي 3/608 لياقت آباد نمبر 3 ۾ منعقد ڪيو ويندو.
*****