عوام ۽ ڪارڪنَ قوال حاجي غلام فريد صابري جي 22 هين عرس مبارڪ ۾ وڌ کان وڌ تعداد ۾ شرڪت ڪن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
لنڊن: 29 مارچ 2016
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين عوام ۽ ڪارڪنن کي اپيل ڪئي آهي ته اهي عالمي شهرت يافته قوال حاجي غلام فريد صابري جي 22 هين عرس مبارڪ ۾ وڌ کان وڌ تعداد ۾ شرڪت ڪن. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته حاجي غلام فريد صابري مرحوم اسلام جي پيغامِ امن کي قوالي جي ذريعي نه صرف مسلمانن بلڪه غير مسلمن تائين به پهچايو. جناب الطاف حسين امڙين، ڀينرن، بزرگن، نوجوانن ۽ ڪارڪنن کي اپيل ڪئي ته اهي مرحوم غلام فريد صابري جي عرس مبارڪ ۾ ڀرپور تعداد ۾ شرڪت ڪري مرحوم کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪن. انهن دعا فرمائي ته الله تعالٰي مرحوم کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ امجد صابري ۽ ٻين پونئرن کي مرحوم غلام فريد صابري جي مشن کي جاري رکڻ جي همت ۽ توفيق عطا فرمائي. آمين.
*****