نارٿ ڪراچي جي سينيئر ڪارڪن محترمه شمس النساء جي وفات تي جناب الطاف حسين جي طرفان افسوس جو اظهار
لنڊن: 31 مارچ 2016
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ايم ڪيو ايم نارٿ ڪراچي جي يوسي 172 جي سابقه يونٽ انچارج محترمه شمس النساء جي وفات تي انهن جي نياڻي محترمه نجم السحر ۽ ٻين پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو آهي. محترمه شمس النساء جي نياڻي نجم السحر ايم ڪيو ايم نارٿ آمريڪا جي يونٽ جي سينيئر ڪارڪن آهن ۽ آمريڪا يونٽ جي مرڪزي سينٽرل ڪميٽي ۾ پنهنجيون خدمتون انجام ڏيئي چڪيون آهن. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين مرحومه جي سمورن سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي فرمايو ته ڏک جي ان گهڙي ۾ مون سميت ايم ڪيو ايم جا سمورا ڪارڪن اوهان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن. انهن دعا فرمائي ته الله تعالٰي مرحومه کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي.آمين.
*****