اين اي 245 ۽ پي ايس 115 تي ٿيندڙ ننڍي چونڊ جي سلسلي ۾ ايم ڪيو ايم جي نامزد ڪيل اميدوارن جي طرفان ڪارنر ميٽنگن جو سلسلو جاري
ڪراچي: 31 مارچ 2016
اين اي 245 ۽ پي ايس 115 تي ٿيندڙ ننڍي چونڊ جي سلسلي ۾ ايم ڪيو ايم جي اميدوارن جي طرفان ڪارنر ميٽنگن جو سلسلو جاري آهي. ان سلسلي ۾ ناظم آباد ۾ اين اي 245 جي يوسين 16 ،18 ،20 ،7 ۽ 48 ۾ ڪارنر ميٽنگن جو انعقاد ڪيو ويو. جن کي حق پرست اسيمبلي ميمبرن سلمان مجاهد بلوچ، آصف حسنين، محبوب عالم، رئوف صديقي، جمال احمد، هير سوهو ، نامزد حق پرست اميدوار محمد ڪمال ۽ سي اي سي ميمبرن خطاب به ڪيو. پنهنجي خطاب ۾ انهن عوام کي اپيل ڪئي ته اهي 7 اپريل تي اين اي 245 ۾ ٿيندڙ ننڍي چونڊ ۾ حق پرست اميدوار کي وڏي تعداد ۾ ووٽ ڏيئي ڪري ڪامياب ڪرائين. ان کان علاوه پي ايس 115 جي يوسين 7 ،9 ۽ 10 ۾ به ڪارنر ميٽنگن جو انعقاد ڪيو ويو. جن کي حق پرست اسيمبلي ميمبرن نشاط ضياء قادري، نديم رازي، محمود رزاق ۽ سي اي سي ميمبرن خطاب به ڪيو. ان موقعي تي انهن عوام کي اپيل ڪئي ته اهي 7 اپريل تي ٿيندڙ ننڍي چونڊ ۾ حق پرست اميدوار کي وڏي تعداد ۾ ووٽ ڏيئي ڪري ڪامياب ڪرائين.
*****