Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

پنجاب ۾ پابندي وڌل تنظيمن جي دهشت گردن جي خلاف فوج جي ڀرپور ايڪشن جو فيصلو قابل تحسين آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين


پنجاب ۾ پابندي وڌل تنظيمن جي دهشت گردن جي خلاف فوج جي ڀرپور ايڪشن جو فيصلو قابل تحسين آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
 Posted on: 3/28/2016
پنجاب ۾ پابندي وڌل تنظيمن جي دهشت گردن جي خلاف فوج جي ڀرپور ايڪشن جو فيصلو قابل تحسين آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
لنڊن: 28 مارچ 2016 
                  متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين جي طرفان فوج جي طرفان پنجاب ۾ دهشت گردن جي خلاف ايڪشن جي فيصلي جي ڀرپور حمايت ڪئي وئي آهي ۽ ان کي قابل تحسين قدم به قرار ڏنو ويو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ انهن فرمايو ته ايم ڪيو ايم هميشه کان اهو چوندي پئي اچي ته جيستائين مسجدن، امام بارگاهن، مزارن ، پاڪ فوج جي مرڪزن ۽ بازارن ۾ خودڪش ڌماڪا ڪرڻ وارن مذهبي انتها پسند  دهشت گردن جي خلاف ڀرپور ڪاروائي نه ٿي ڪئي وڃي ته ان وقت تائين دهشت گردي جي روڪٿام به ڪري نه ٿي سگهجي. جناب الطاف حسين فرمايو ته گذريل ڏينهن لاهور ۾ خودڪش ڌماڪي ۽ وڏي پيماني تي شهرين جي جاني و مالي نقصان کان پوءِ پاڪ فوج پنجاب ۾ پابندي وڌل تنظيمن جي دهشت گردن جي خلاف جيڪو ڀرپور ايڪشن جو فيصلو ڪيو آهي اهو قابل تحسين آهي ۽ اسان ان ايڪشن جي ڀرپور غير مشروط حمايت ڪريون ٿا. جناب الطاف حسين فرمايو ته ضرورت ان ڳالھھ جي آهي ته نيشنل ايڪشن پلان تي ان جي روح جي مطابق عمل ڪندي مذهبي انتها پسند دهشت گردن جي خلاف بغير ڪنهن فرق جي ڪاروائي ڪئي وڃي.
*****

4/29/2024 1:59:30 PM