Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم برطانيه جي 12 رڪني آرگنائيزنگ ڪميٽي جو اعلان، هاشم اعظم کي ايم ڪيو ايم برطانيه جو آرگنائيزر چونڊيو ويو آهي


ايم ڪيو ايم برطانيه جي 12 رڪني آرگنائيزنگ ڪميٽي جو اعلان، هاشم اعظم کي ايم ڪيو ايم برطانيه جو آرگنائيزر چونڊيو ويو آهي
 Posted on: 3/28/2016
ايم ڪيو ايم برطانيه جي 12 رڪني آرگنائيزنگ ڪميٽي جو اعلان، هاشم اعظم کي ايم ڪيو ايم برطانيه جو آرگنائيزر چونڊيو ويو آهي
نئين ڪميٽي جي نالن جو اعلان ڪنوينر نديم نصرت لنڊن ۾ يوم تاسيس جي اجتماع ۾ ڪيو
لنڊن: 28 مارچ 2016 
                 ايم ڪيو ايم برطانيه جي 12 رڪني آرگنائيزنگ ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي. نالن جو اعلان ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي ڪنوينر نديم نصرت لنڊن ۾ ايم ڪيو ايم جي 32 هين يوم تاسيس جي موقعي تي ڪيو. نئين ڪميٽي جي اليڪشن جي لاءِ گذريل  ڏينهن ڪارڪنن جو جنرل ورڪرز اجلاس منعقد ٿيو هو جنهن ۾ باقائده ووٽنگ به ٿي هئي. نديم نصرت ان ووٽنگ مان حاصل ٿيندڙ نتيجن جي تحت نئين ڪميٽي جي نالن جو  اعلان ڪيو. نئين ڪميٽي جي مطابق سينيئر ميمبر هاشم اعظم کي برطانيه جو آرگنائيزر جڏهن ته فيض احمد سينيئر جوائنٽ آرگنائيزر، منظور احمد سيڪريٽري جنرل ۽ ايم ايم تابش انفارميشن سيڪريٽري هوندا. ميمبرن ۾  ستار خان، راشد احمد، منشا خان، محسن سعيد، آصف سعيد، فيصل خانزاده، محترمه شبنم طارق ۽ محترمه عروسه نويد شامل آهن. ان موقعي تي نديم نصرت برطانيه جي هٽايل آرگنائيزر ڊاڪٽر سليم دانش ۽ سابقه ڪميٽي جي سمورن ميمبرن کي انهن جي تنظيمي خدمتن تي خراج تحسين به پيش ڪيو. نديم نصرت اعلان ڪيو ته هٽايل ڪميٽي جا ميمبر هاڻي انٽرنيشنل سيڪريٽريٽ ۾ خدمتون انجام ڏيندا. 
*****

4/29/2024 11:59:05 AM