Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

مڪاني ادارن کي اختيار منتقل نه ڪرڻ جو سپريم ڪورٽ جي طرفان نوٽس وٺڻ جو اسان خير مقدم ڪريون ٿا. ڪنوينر نديم نصرت


مڪاني ادارن کي اختيار منتقل نه ڪرڻ جو سپريم ڪورٽ جي طرفان نوٽس وٺڻ جو اسان خير مقدم ڪريون ٿا. ڪنوينر نديم نصرت
 Posted on: 3/26/2016
مڪاني ادارن کي اختيار منتقل نه ڪرڻ جو سپريم ڪورٽ جي طرفان نوٽس وٺڻ جو اسان خير مقدم ڪريون ٿا. ڪنوينر نديم نصرت
لنڊن: 26 مارچ 2016 
                 متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ڪنوينر نديم نصرت مڪاني ادارن کي اختيار منتقل نه ڪرڻ جي معاملي جو سپريم ڪورٽ جي طرفان نوٽس وٺڻ جو خير مقدم ڪندي سپريم ڪورٽ کي ان اقدام تي زبردست خراج تحسين  پيش ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ نديم نصرت چيو ته مڪاني حڪومتون نه صرف جمهوريت جو ٿنڀو هونديون آهن پر سڄي دنيا ۾ تعليم، صحت، صفائي ۽ مقامي پوليسنگ سميت بنيادي عوامي سهولتون فراهم ڪرڻ جو ڪم به مڪاني حڪومتون ئي انجام ڏينديون آهن. سمورن مهذب ۽ ترقي يافته  معاشرن ۾ اسيمبليون قانون سازي ڪنديون آهن ۽ بنيادي عوامي خدمتن جو فرض مڪاني ادارا ئي انجام ڏيندا آهن. جنهن جي لاءِ انهن کي ڀرپور اختيار ۽ فنڊ به فراهم ڪيا وڃن ٿا. پر بدقسمتي سان پاڪستان ۾ مقاني حڪومتن جي نظام کي اڄ تائين وڌڻ ويجهڻ نه ڏنو ويو آهي. انهن چيو ته پاڪستان جي آئين جي شق نمبر 140 اي ۾ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي واضع لفظن ۾ حڪم ڏنو ويو آهي ته اهي مڪاني ادارن کي اختيار منتقل ڪن، پر هتي اختيار منتقل ڪرڻ ته ٺهيو پر مڪاني ادارن جي موجوده اختيارن کي به انتهائي بي شرمي سان ڇنيو پيو وڃي. سنڌ ۾ مڪاني اليڪشن ٿئي ڪيترائي مهينا گذري چڪا آهن پر اڄ تائين ميئر ۽ چيئرمينن جا اليڪشن نه ڪرايا ويا آهن ۽ سنڌ 

حڪومت روز روز نوان بهانا بڻائي ڪري انهن اليڪشنن کي التوا ۾ وجهي رهي آهي. جنهن جي ڪري ڪراچي ۽ سنڌ جي ٻين شهري علائقن ۾ احساس محرومي وڌي رهيو آهي.  انهن چيو ته حڪومتن جي ان افسوسناڪ رويي کي ڏسندي سپريم ڪورٽ جي طرفان مڪاني اختيار منتقل نه ڪرڻ جو نوٽس وٺڻ هڪ سٺو قدم آهي. جنهن جو ايم ڪيو ايم ڀرپور طريقي سان خير مقدم ڪري ٿي. انهن چيو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون سپريم ڪورٽ جي دٻاءُ تي ئي مڪاني اليڪشن ڪرائڻ تي مجبور ٿيون آهن ۽ اسان سمجهون ٿا ته سپريم ڪورٽ ئي مڪاني ادارن کي اختيار منتقل ڪرائي سگهي ٿي. انهن سپريم ڪورٽ کي اپيل ڪئي ته اها حڪومت ۽ اليڪشن ڪميشن کي فوري طور تي ميئرن ۽ چيئرمينن جا اليڪشن ڪرائڻ جا حڪم جاري ڪري ته جيئن چونڊيل مڪاني نمائندا عوام جي خدمت شروع ڪري سگهن.
*****

5/5/2024 11:33:55 AM