ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ مقيم مسيحي برادري کي ايسٽر جي ڏڻ جي دلي مبارڪباد پيش
لنڊن: 26 مارچ 2016
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ مقيم مسيحي برادري کي ايسٽر جي ڏڻ جي دلي مبارڪباد پيش ڪئي آهي. ايسٽر جي موقعي تي پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين مسيحي برادري کي ايسٽر جي خصوصي مبارڪباد ڏيندي فرمايو ته ايم ڪيو ايم سمورن مذهبن ۽ انهن جي مڃڻ وارن جو احترام ڪري ٿي ۽ اهو سمجهي ٿي ته اسان کي سمورن مذهبن جي مڃڻ وارن ۽ انهن جي عبادتگاهن جو احترام ڪرڻ گهرجي. انهن فرمايو ته ايم ڪيو ايم اهو به سمجهي ٿي ته پاڪستان ۾ رهندڙ سموري مسيحي برادري پڪي ۽ سچي پاڪستاني آهي ۽ ايم ڪيو ايم مسيحي برادري سميت سمورن غير مسلمن کي برابر جو پاڪستاني سمجهي ٿي ۽ ايم ڪيو ايم اهو به سمجهي ٿي ته غير مسلم پاڪستانين جي لاءِ اقليت جو لفظ ختم ٿيڻ گهرجي. جناب الطاف حسين مطالبو ڪيو ته مسيحي ڀائرن سميت تمام غير مسلم پاڪستاني ڀائرن کي برابر جو پاڪستاني تسليم ڪيو وڃي ۽ مسلم ۽ غير مسلم جي فرق کي ختم ڪري سمورن پاڪستانين کي پاڪستاني شهري جي حيثيت سان زندگي جي سمورن شعبن ۾ برابري جا حق ڏنا وڃن.
*****