Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

جسم جي طاقت جو دارومدار دماغ سان هوندو آهي، دماغ جيڪڏهن مضبوط هوندو ته جسم به مضبوط هوندو . قائد تحريڪ جناب الطاف حسين


جسم جي طاقت جو دارومدار دماغ سان هوندو آهي، دماغ جيڪڏهن مضبوط هوندو ته جسم به مضبوط هوندو . قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
 Posted on: 3/26/2016
جسم جي طاقت جو دارومدار دماغ سان هوندو آهي، دماغ جيڪڏهن مضبوط هوندو ته جسم به مضبوط هوندو . قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
حيدرآباد ۾ شعبه خواتين ۽ ايلڊر ونگ جي ذميوارن ۽ ڪارڪنن جي اعزاز ۾ ڏنل عشائيي کي خطاب
لنڊن: 26 مارچ 2016 
                متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته جسم جي طاقت جو دارومدار دماغ سان هوندو آهي ، دماغ مضبوط هوندو ته جسم به مضبوط هوندو ۽ جيڪڏهن دماغ مضبوط هوندو ته تحريڪي ڪارڪن نظرياتي طور تي به مضبوط هوندو . نظرياتي مضبوطي جي لاءِ ضروري آهي ته تحريڪي لٽريچر جو بار بار مطالعو ڪيو وڃي. انهن خيالن جو اظهار انهن حيدرآباد ۾ شعبه خواتين ۽ ايلڊر ونگ جي ذميوارن ۽ ڪارڪنن جي اعزاز ۾ ڏنل عشائيي کي خطاب ڪندي فرمايو. پنهنجي خطاب ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته پنهنجي پاڻ کي نظرياتي طور تي مضبوط ڪرڻ جي لاءِ ڪارڪنَ انقلابي ۽ تحريڪي لٽريچر جو مطالعو ڪن ته جيئن جڏهن ڪوئي آزمائش جو وقت اچي ته ذهني طور تي مضبوط نظرياتي ڪارڪنَ جرت ۽ همت سان حالتن جو مقابلو ڪري سگهن. نظرياتي طور تي ڪمزور ذهن خوف جو شڪار ٿي سگهي ٿو ۽ گمراھ به ٿي سگهي ٿو. ان جي ڪري تحريڪ جي مشن و مقصد کان واقفيت ۽ انقلابي تحريڪن جي تاريخ کان 
آگاهي ڪارڪنن کي نظرياتي طور تي مضبوط رکي ٿي ۽ اهي ڪنهن به ظلم، ڏاڍ ۽ منفي پروفيگنڊي جو بهادري سان مقابلو ڪري سگهن ٿا. تحريڪي لٽريچر کي بار بار ورجائڻ سان همت پيدا ٿئي ٿي. انهن فرمايو ته الله تعالٰي پنج وقتن جون نمازون ان جي ڪري فرض ڪيون آهن ته جيئن انسان ڏينهن ۾ پنج ڀيرا الله سائين جو نالو وٺي ۽ ان سان ان کي ان ڳالھھ جو احساس ٿيندو ته سڀني کان وڏي ذات مبارڪ الله پاڪ جي آهي ۽ اهو ئي ساري ڪائنات جو مالڪ آهي. انهن فرمايو ته الطاف حسين ۽ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جو رشتو هڪ  اٽوٽ ۽ نه ٽٽندڙ آهي جنهن کي دنيا جي ڪائي به طاقت ٽوڙي نه ٿي سگهي. انهن فرمايو ته نظم و ضبط ايم ڪيو ايم جو سڀني کان وڏو هٿيار آهي. ايم ڪيو ايم جي سڀني کان وڏي طاقت نظم و ضبط ئي آهي ۽ نظم و ضبط جو جذبو پيدا ڪرڻ جي لاءِ ضروري آهي ته تحريڪي ۽ انقلابي لٽريچر جو بار بار مطالعو ڪيو وڃي. انهن فرمايو ته ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جنهن مڙسي سان مشڪل ترين حالتن جو مقابلو ڪيو آهي. ان جي مثال قومن جي تاريخ ۾ تمام گهٽ ئي ملي ٿي. الله تعالٰي جي فضل و ڪرم سان نوجوانن سان گڏو گڏ امڙين ۽ ڀينرن جا حوصلا به تمام گهڻا بلند آهن. انهن عشائيي جي انتظامن ۾ کليل دل سان تعاون ڪرڻ وارن ساٿين کي زبردست خراج تحسين به پيش ڪيو ۽ دعا ڪئي ته الله تعالٰي انهن جي روزگار ۾ برڪت عطا فرمائي ۽ اهي محفلون اهڙي طرح ئي سجنديون رهن. 
*****


5/5/2024 1:19:44 PM