اين اي 245 تي ٿيندڙ ننڍي چونڊ ۾ ايم ڪيو ايم جي نامزد اميدوار محمد ڪمال ناظم آباد جي يوسين 19 ، 22 ۽ 23 ۾ اليڪشن آفيسن جو افتتاح ڪري ڇڏيو
ڪراچي: 25 مارچ 2016
تڪ نمبر 245 ۾ ايم ڪيو ايم جي نامزد اميدوار محمد ڪمال نارٿ ناظم آباد جي يوسين 19 ،22 ۽ 23 ۾ اليڪشن آفيسن جو افتتاح ڪري ڇڏيو . ان موقعي تي اسيمبلي ميمبر، سي اي سي ميمبر ۽ ٻيا به موجود هئا. ان موقعي تي ڳالھھ ٻولھھ ڪندي محمد ڪمال چيو ته ايم ڪيو ايم هڪ حقيقت آهي، جنهن جي عوامي مينڊيٽ کي تسليم ڪيو وڃڻ گهرجي. انهن چيو ته اين اي 245 جي عوام ماضي ۾ به تمام تر سازشن جي باوجود قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي اميدوارن کي ئي ووٽ ڏنا آهن ۽ هن ڀيري به جناب الطاف حسين جي اميدوار کي ئي ووٽ ڏيئي ڪري ڪامياب ڪرائيندا.ان موقعي تي انهن عوام کي به اپيل ڪئي ته اهي نامزد حق پرست اميدوار کي وڏي تعداد ۾ ووٽ ڏيئي ڪري ڪامياب ڪرائين.
*****