Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

سنڌ اسيمبلي جي حق پرست ميمبرن جي طرفان ٽي بي ڪنٽرول پروگرام جي غير فعال ٿيڻ ۽ دوائن جي ڪمي تي سخت مذمت جو اظهار


سنڌ اسيمبلي جي حق پرست ميمبرن جي طرفان ٽي بي ڪنٽرول پروگرام جي غير فعال ٿيڻ ۽ دوائن جي ڪمي تي سخت مذمت جو اظهار
 Posted on: 3/25/2016
سنڌ اسيمبلي جي حق پرست ميمبرن جي طرفان ٽي بي ڪنٽرول پروگرام جي غير فعال ٿيڻ ۽ دوائن جي ڪمي تي سخت مذمت جو اظهار
ڪراچي: 25 مارچ 2016 
                   سنڌ اسيمبلي جي حق پرست ميمبرن ٽي بي ڪنٽرول پروگرام جي غير فعال ٿيڻ ۽ ٽي بي جي دوائن جي ڪمي تي وڏي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ٽي بي جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي پر  پاڪستان ۾ ٽي بي پروگرام غير فعال آهي جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي . پنهنجي هڪ بيان ۾ انهن چيو ته ٽي بي جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان سڄي دنيا ۾ ان مرض جي خاتمي جو عزم ڪيو وڃي ٿو پر پاڪستان ۾ ٽي بي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي ٻارن جي ٽي بي جون دوائون به اڻ لڀ آهن. پر جڏهن ته صحت کاتي جي ماتحت هلڻ وارا ٽي بي ڪنٽرول جا پروگرام به غير فعال آهن. انهن چيو ته ٽي بي جو مرض دنيا جي 22 ملڪن ۾ موجود آهي جن ۾ پاڪستان پنجين نمبر تي آهي. انهن چيو ته هر سال پاڪستان ۾ 5 لک ماڻهو ان مرض ۾ مبتلا ٿين ٿا ۽ ان صورتحال ۾ دوائن جي ڪمي ۽ ٽي بي پروگرام جو غير فعال ٿيڻ وڏي افسوسناڪ ڳالھھ آهي. جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. انهن وزير اعظم ميان نواز شريف ۽ وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ کان مطالبو ڪيو ته اهي ٽي بي جي دوائن جي ڪمي ۽ ٽي بي ڪنٽرول پروگرام جي غير فعال ٿيڻ جو سنجيدگي سان نوٽس وٺن ۽ ان سلسلي ۾ سخت اپاءَ به ورتا وڃن.
*****

5/5/2024 9:13:09 AM