ايم ڪيو ايم بيلجيئم جي تحت برسلز بم ڌماڪن ۾ هلاڪ ٿيندڙ ماڻهن جي ياد ۾ ميڻ بتيون روشن ڪيون ويون
بيلجيئم: 25 مارچ 2016
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين جي هدايت تي ايم ڪيو ايم بيلجيئم يونٽ جي تحت برسلز بم ڌماڪن ۾ هلاڪ ٿيندڙ ماڻهن جي ياد ۾ ميڻ بتيون روشن ڪيون ويون ۽ بيلجيئم جي عوام سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار به ڪيو ويو. ان موقعي تي هڪ تقريب منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ ڪارڪنن ۽ عوام وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي ۽ بم ڌماڪن ۾ زخمي ٿيندڙن جي جلد و مڪمل صحتيابي جي لاءِ دعا به ڪئي وئي. ان کان پوءِ هڪ پرامن احتجاجي مظاهرو به ڪيو ويو جنهن ۾ شريڪ ماڻهن پنهنجن هٿن ۾ پلي ڪارڊ کنيا هئا جن تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان بم ڌماڪن جي واقعن جي سخت مذمت ۽ هلاڪ ٿيندڙن جي پونئرن سان مڪمل يڪجهتي جي اظهار سميت ٻيا جملا به تحرير هئا.
*****