عوام جي بغير ڪنهن رنگ و نسل ۽ مسلڪ جي خدمت ئي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي تعليم ۽ ايم ڪيو ايم جو منشور آهي. پي ايس 115 تي ايم ڪيو ايم جو نامزد اميدوار فيصل رفيق
ڪراچي: 25 مارچ 2016
پي ايس 115 تي ٿيندڙ ننڍي چونڊ ۾ ايم ڪيو ايم جي نامزد اميدوار فيصل رفيق اليڪشن مهم جي سلسلي ۾ لائينز ايريا جي يوسين 7 ،9 ،10 ۽ 11 ۾ اليڪشن آفيسن جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي سي اي سي ميمبر ۽ ٻيا به موجود هئا. ان موقعي تي خطاب ڪندي سي اي سي ميمبر خالد سلطان چيو ته ايم ڪيو ايم پاڪستان جي 98 سيڪڙو غريب ۽ وچولي طبقي جي عوام جي خدمت جو جذبو وٺي ڪري ميدان ۾ لٿي آهي. انهن چيو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين هميشه عوامي خدمت جو ئي درس ڏنو آهي.ان موقعي تي خطاب ڪندي پي ايس 115 جي اميدوار فيصل رفيق چيو ته عوام جي بغير ڪنهن فرق جي خدمت ئي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي تعليم ۽ ايم ڪيو ايم جو منشور آهي. ان موقعي تي سي اي سي ميمبر راشد حسين به خطاب ڪيو.
*****