Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

حيدرآباد جي امڙين ۽ ڀينرن حق پرستي جي تحريڪ ۾ وفا جو حق نڀائي ڇڏيو آهي ۽ انهن اڄ صف اول جي مجاهدن جو ڪردار ادا ڪيو آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين


حيدرآباد جي امڙين ۽ ڀينرن حق پرستي جي تحريڪ ۾ وفا جو حق نڀائي ڇڏيو آهي ۽ انهن اڄ صف اول جي مجاهدن جو ڪردار ادا ڪيو آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
 Posted on: 3/25/2016
حيدرآباد جي امڙين ۽ ڀينرن حق پرستي جي تحريڪ ۾ وفا جو حق نڀائي ڇڏيو آهي ۽ انهن اڄ صف اول جي مجاهدن جو ڪردار ادا ڪيو آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
ريلي جي تيارين ۽ ان کي ڪامياب بڻائڻ تي ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي زبردست خراج تحسين به پيش
لنڊن: 25 مارچ 2016 
                 متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته حيدرآباد جي امڙين ۽ ڀينرن حق پرستي جي تحريڪ ۾ وفا جو حق نڀائي ڇڏيو آهي ۽ اڄ  انهن صف اول جي مجاهدن جو ڪردار به ادا ڪيو آهي. الله تعالٰي جو شڪر آهي جو تمام تر مشڪلاتن جي باوجود حيدرآباد ۾ تحريڪ جي وفادارن جي تعداد وڌي رهي آهي. انهن خيالن جو اظهار انهن حيدرآباد جي زونل آفيس ۾ امڙين، ڀينرن ، بزرگن ۽ مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ڪارڪنن سان ڳالھھ ٻولھھ ڪندي فرمايو. ان موقعي تي جناب الطاف حسين حيدرآباد ۾ تاريخي ريلي جي انعقاد تي ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي زبردست خراج تحسين به پيش ڪيو. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين تاريخي ريلي ۾ شرڪت ڪرڻ تي حيدرآباد جي حق پرست عوام جو شڪريو ادا ڪندي فرمايو ته جنهن وڏي تعداد ۾ امڙين،ڀينرن، بزرگن ۽ نوجوانن ريلي ۾ شرڪت ڪئي آهي ان سان ائين لڳي رهيو هو ته ڄڻ سڄو شهر روڊن تي اچي ويو آهي. ريلي جي تيارين ۽ ان کي ڪامياب بڻائڻ تي جناب الطاف حسين رابطا ڪميٽي ۽ حق پرست نمائندن سميت يونٽن، سيڪٽرن، زون، اي پي ايم ايس او ، شعبه خواتين، ايلڊر ونگ، ليبر ڊويزن، اسپيچ ڪميٽي، وڊيو ۽  فوٽو سيڪشن، ويب ٽيم ۽ سوشل ميڊيا سان تعلق رکندڙ ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي زبردست شاباش ۽ خراج تحسين به پيش ڪيو. ان موقعي تي زونل آفيس ۾ موجود ذميوارن ۽ ڪارڪنن جناب الطاف حسين سان ڳالھھ ٻولھھ ڪندي ان عزم کي ورجايو ته اهي تمام تر ڏکيائين ۽ تڪليفن جي باوجود ثابت قدمي سان مقابلو ڪندا ۽ ڪائي به سازش انهن کي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين کان پري ڪري نه ٿي سگهي.
*****

5/5/2024 9:44:46 AM