Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

حيدرآباد قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي وفادارن جو شهر آهي. رابطا ڪميٽي ميمبرَ عبدالحسيب ۽ اقبال مقدم


حيدرآباد قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي وفادارن جو شهر آهي. رابطا ڪميٽي ميمبرَ عبدالحسيب ۽ اقبال مقدم
 Posted on: 3/24/2016
حيدرآباد قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي وفادارن جو شهر آهي. رابطا ڪميٽي ميمبرَ عبدالحسيب ۽ اقبال مقدم
حيدرآباد زونل  آفيس تي ايلڊر ونگ جي ڪارڪنن جي اجلاس کي خطاب
حيدرآباد: 24 مارچ 2016 
                   متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبرن عبدالحسيب ۽ اقبال مقدم حيدرآباد ۾ زونل آفيس تي ايلڊر ونگ جي ذميوارن ۽ ڪارڪنن جي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو آهي ته حيدرآباد قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي چاهڻ وارن جو شهر آهي. ان موقعي تي حيدرآباد جو نگران زونل انچارج ظفر خان ۽ ٻيا به موجود هئا. رابطا ڪميٽي ميمبرن چيو ته حيدرآباد جي زمين تي جنم وٺندڙن جي دلين ۾ وفا ئي وفا ڀريل آهي . انهن چيو ته قيادت الله تعالٰي جي طرفان هڪ تحفو هوندي آهي ڇو ته الله تعالٰي عوام جي دلين ۾ ان قيادت جي لاءِ عزت ، احترام ۽ عقيدت وجهندو آهي. اجلاس کي خطاب ڪندي حيدرآباد جي نگران زونل انچارج ظفر خان چيو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي تمام تر جدوجهد حقن کان محروم غريب ۽ وچولي طبقي جي عوام جي لاءِ آهي. انهن چيو  ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين هن مظلوم قوم جي لاءِ تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون آهن ۽ اهي اڄ تائين جلاوطني جي زندگي گذاري رهيا آهن. اجلاس کي بزرگ ڪميٽي حيدرآباد جي انچارج به خطاب ڪيو.
*****


4/29/2024 8:09:22 AM