Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

پاڻي فراهم ڪرڻ جي منصوبي ڪي فور کي هڪ سال کان روڪي رکڻ ۽ ڪراچي ۾ گذريل ڪيترن ئي سالن کان پاڻي جي ڪوٽا ۾ اضافو نه ڪرڻ تي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار


پاڻي فراهم ڪرڻ جي منصوبي ڪي فور کي هڪ سال کان روڪي رکڻ ۽ ڪراچي ۾ گذريل ڪيترن ئي سالن کان پاڻي جي ڪوٽا ۾ اضافو نه ڪرڻ تي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار
 Posted on: 3/24/2016
پاڻي فراهم ڪرڻ جي منصوبي ڪي فور کي هڪ سال کان روڪي رکڻ ۽ ڪراچي ۾ گذريل ڪيترن ئي سالن کان پاڻي جي ڪوٽا ۾ اضافو نه ڪرڻ تي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار
ڪراچي: 24 مارچ 2016 
                  متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي ڪراچي کي پاڻي فراهم ڪرڻ جي منصوبي ڪي فور کي هڪ سال کان روڪي رکڻ جي ۽ ڪراچي ۾ گذريل ڪيترن ئي سالن کان پاڻي جي ڪوٽا ۾ اضافو نه ڪرڻ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته ڪراچي جي آبادي ۾ لاڳاتار اضافو ٿي رهيو آهي. جنهن جي ڪري پاڻي جو استعمال به وڌي چڪو آهي. پر سنڌ حڪومت جي طرفان گذريل هڪ سال کان پاڻي جي فراهمي جي منصوبي ڪي فور جو سنگ بنياد رکڻ جي باوجود ان تي عملي طور تي ڪم شروع نه ڪيو ويو آهي. جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته سنڌ حڪومت ڪراچي ۾ عوام کي بينادي سهولتون فراهم ڪرڻ ۾ وڏي غفلت جو مظاهرو ڪري رهي آهي، جيڪو ڪراچي جي عوام سان کليل دشمني جي برابر به آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته گذريل سال به گرمي جي موسم ۾ پاڻي جي ڪمي جي ڪري ۽ لڪ لڳڻ جي ڪري ماڻهن جون هلاڪتون ٿيون هيون ۽ هن ڀيري به انهي ڳالھھ جو خطرو آهي. ان جي ڪري پاڻي جي ڪمي کي فوري طور تي دور ڪيو وڃي. رابطا ڪميٽي چيو ته ڪراچي ۾ پاڻي جي ڪمي سان ڪراچي جا عوام ئي متاثر نه ٿا ٿين پر ملڪ جي معيشت تي به خراب اثر پون ٿا. ان جي ڪري وفاقي ۽ صوبائي حڪومت کي ڪراچي ۾ پاڻي جي ڪمي جو سختي سان نوٽس وٺڻ گهرجي ۽ ڪي فور منصوبي تي ڪم شروع ڪري ان کي فوري طور تي مڪمل ڪيو وڃي.
*****


4/29/2024 8:21:35 AM