Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ماسڪو ايئرپورٽ تي گذريل ڏينهن کان ڦاتل پاڪستاني واپارين جي واپسي جي لاءِ هر سطح تي سفارتي تعلقات استعمال ڪيا وڃن. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي


ماسڪو ايئرپورٽ تي گذريل ڏينهن کان ڦاتل پاڪستاني واپارين جي واپسي جي لاءِ هر سطح تي سفارتي تعلقات استعمال ڪيا وڃن. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي
 Posted on: 3/24/2016
ماسڪو ايئرپورٽ تي گذريل ڏينهن کان ڦاتل پاڪستاني واپارين جي واپسي جي لاءِ هر سطح تي سفارتي تعلقات استعمال ڪيا وڃن. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي
ڪراچي: 24 مارچ 2016 
                   متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي ماسڪو ايئرپورٽ تي 150 کان وڌيڪ پاڪستاني واپارين کي ايئرپورٽ تي گذريل ڏينهن کان بغير ڪنهن جواز جي روڪڻ تي وڏي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي ۽ وزير اعظم ميان نواز شريف کان مطالبو ڪيو آهي ته انهن واپارين جي واپسي جي لاءِ فوري طور تي سفارتي تعلقات استعمال ڪيا وڃن. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته 150 کان وڌيڪ پاڪستاني واپاري سالانه ڪنوينشن ۾ شرڪت جي لاءِ ماسڪو ويا هئا ۽ اتي ايئر پورٽ تي هڪ سيڪيورٽي ايجنسي انهن کي هڪ ڪمري ۾ بند ڪري ڇڏيو آهي ۽ انهن کي کائڻ پيئڻ جي شين سميت ٻين پريشانين جو به سامنو آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته پاڪستاني واپارين جو ماسڪو ايئرپورٽ تي گذريل ڏينهن کان ڦاسڻ پاڪستان جي سفارتي سطح تي وڏي ناڪامي به آهي جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. رابطا ڪميٽي وزير اعظم ميان نواز شريف ۽ وفاقي وزير خارجه سرتاج عزيز کان مطالبو ڪيو ته اهي ماسڪو ۾ ڦاتل واپارين کي فوري طور تي واپس گهرائين. 
*****


4/29/2024 4:39:25 AM