Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم سمورن مذهبن جي مڃڻ وارن سان برابري واري سلوڪ تي يقين رکي ٿي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين


ايم ڪيو ايم سمورن مذهبن جي مڃڻ وارن سان برابري واري سلوڪ تي يقين رکي ٿي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
 Posted on: 3/24/2016
ايم ڪيو ايم سمورن مذهبن جي مڃڻ وارن سان برابري واري سلوڪ تي يقين رکي ٿي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
ڪامياب ريلي منعقد ڪرڻ تي ميرپورخاص زون کي جناب الطاف حسين جي طرفان زبردست خراج تحسين به پيش
لنڊن: 24 مارچ 2016 
                 متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته ايم ڪيو ايم سمورن مذهبن جي مڃڻ وارن سان برابري جي سلوڪ تي يقين رکي ٿي. ايم ڪيو ايم ۾ شامل مسلمان، عيسائي، هندو، سک ۽ ٻين مذهبن سان تعلق وارا ماڻهو هڪ گلدستي وانگر آهن. انهن خيالن جو اظهار انهن ميرپورخاص ۾ يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ ڪڍي ويندڙ ريلي جي اختتام تي زونل آفيس ۾ گڏ ٿيندڙ ڪارڪنن سان ڳالھھ ٻولھھ ڪندي فرمايو. جناب الطاف حسين نائن زيرو تي منعقد ٿيندڙ هندن جي مذهبي ڏڻ هولي جو حوالو ڏيندي فرمايو ته ايم ڪيو ايم پاڪستان جي واحد جماعت آهي جنهن ۾ مختلف مذهبن جي ڏڻڻ کي نائن زيرو تي باقائدگي سان ملهايو وڃي ٿو ۽ مختلف قومن ۽ مذهبن  جا ماڻهو نائن زيرو تي اهم ذميواريون به انجام ڏيئي رهيا آهن جنهن جي مثال پاڪستان جي ڪنهن به سياسي جماعت ۾ نه ٿي ملي. ميرپورخاص ۾ شاندار ريلي جي انعقاد تي جناب الطاف حسين يونٽن، سيڪٽرن ۽ زون جي ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي زبردست خراج تحسين پيش ڪندي فرمايو ته ميرپورخاص تحريڪ جي وفادارن جو شهر آهي. ماضي ۾ به ميرپورخاص جي ڪارڪنن، امڙين، ڀينرن ۽ بزرگن هر ڏکئي وقت ۾ همت ۽ ثابت قدمي سان مقابلو ڪيو آهي ۽ انشاء الله تعالٰي آئنده به ڪندا رهندا. ان موقعي تي ذميوارن ۽ ڪارڪنن کان علاوه تحريڪ جي ابتدائي دور جي امڙين ۽ بزرگن به جناب الطاف حسين سان هڪ هڪ ٿي ڪري پنهنجن جذبن جو اظهار  ڪيو. 
*****


5/5/2024 6:04:29 AM