ايم ڪيو ايم سمورن مذهبن جي مڃڻ وارن سان برابري واري سلوڪ تي يقين رکي ٿي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
ڪامياب ريلي منعقد ڪرڻ تي ميرپورخاص زون کي جناب الطاف حسين جي طرفان زبردست خراج تحسين به پيش
لنڊن: 24 مارچ 2016
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته ايم ڪيو ايم سمورن مذهبن جي مڃڻ وارن سان برابري جي سلوڪ تي يقين رکي ٿي. ايم ڪيو ايم ۾ شامل مسلمان، عيسائي، هندو، سک ۽ ٻين مذهبن سان تعلق وارا ماڻهو هڪ گلدستي وانگر آهن. انهن خيالن جو اظهار انهن ميرپورخاص ۾ يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ ڪڍي ويندڙ ريلي جي اختتام تي زونل آفيس ۾ گڏ ٿيندڙ ڪارڪنن سان ڳالھھ ٻولھھ ڪندي فرمايو. جناب الطاف حسين نائن زيرو تي منعقد ٿيندڙ هندن جي مذهبي ڏڻ هولي جو حوالو ڏيندي فرمايو ته ايم ڪيو ايم پاڪستان جي واحد جماعت آهي جنهن ۾ مختلف مذهبن جي ڏڻڻ کي نائن زيرو تي باقائدگي سان ملهايو وڃي ٿو ۽ مختلف قومن ۽ مذهبن جا ماڻهو نائن زيرو تي اهم ذميواريون به انجام ڏيئي رهيا آهن جنهن جي مثال پاڪستان جي ڪنهن به سياسي جماعت ۾ نه ٿي ملي. ميرپورخاص ۾ شاندار ريلي جي انعقاد تي جناب الطاف حسين يونٽن، سيڪٽرن ۽ زون جي ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي زبردست خراج تحسين پيش ڪندي فرمايو ته ميرپورخاص تحريڪ جي وفادارن جو شهر آهي. ماضي ۾ به ميرپورخاص جي ڪارڪنن، امڙين، ڀينرن ۽ بزرگن هر ڏکئي وقت ۾ همت ۽ ثابت قدمي سان مقابلو ڪيو آهي ۽ انشاء الله تعالٰي آئنده به ڪندا رهندا. ان موقعي تي ذميوارن ۽ ڪارڪنن کان علاوه تحريڪ جي ابتدائي دور جي امڙين ۽ بزرگن به جناب الطاف حسين سان هڪ هڪ ٿي ڪري پنهنجن جذبن جو اظهار ڪيو.
*****