Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

جيڪي قومون پنهنجي تاريخ کي ميٽي ڪري پيش ڪن ٿيون انهن جي نئين نسل صحيح رستي تي هلي نه ٿي سگهي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين


جيڪي قومون پنهنجي تاريخ کي ميٽي ڪري پيش ڪن ٿيون انهن جي نئين نسل صحيح رستي تي هلي نه ٿي سگهي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
 Posted on: 3/24/2016
جيڪي قومون پنهنجي تاريخ کي ميٽي ڪري پيش ڪن ٿيون انهن جي نئين نسل صحيح رستي تي هلي نه ٿي سگهي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
23 مارچ 1940 تي منظور ٿيندڙ لاهور قرارداد ۾ پاڪستان جي قيام جو مطالبو نه ڪيو ويو هو
علامه اقبال  1930 جي اله آباد خطبي ۾ رياستن جي خودمختياري جو تصور پيش ڪيو هو
مان حقيقت بيان ڪريان ته منهنجين ڳالهين تي توجه ڏيڻ جي بجاءِ مون کي غدار قرار ڏنو وڃي ٿو
نائن زيرو ۽ حيدرآباد ۾ رابطا ڪميٽي، زونل ڪميٽي ۽ مختلف شعبن جي ڪارڪنن، امڙين، ڀينرن ۽ بزرگن کي خطاب
لنڊن: 24 مارچ 2016 
                   متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته تاريخ کي ميٽي نه ٿو سگهجي، پر اسان جو الميو اهو آهي ته اسان پنهنجين نئين نسلن کي ميٽيل تاريخ پڙهايون ٿا ۽ 
اهڙي غلط تاريخ پڙهڻ وارا ٻار گمراھ ٿي وڃن ٿا. اها ڳالھھ انهن نائن زيرو تي رابطا ڪميٽي، شعبن جي ذميوارن، حيدرآباد ۾ زونل ڪميٽي جي ميمبرن ۽ مختلف شعبن جي ڪارڪنن ۽ امڙين ۽ ڀينرن کي خطاب ڪندي فرمائي. پنهنجي خطاب ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته قوم کي اهو ٻڌايو وڃي ٿو ته 23 مارچ تي لاهور ۾ قرارداد پاڪستان منظور ٿي هئي ۽ پاڪستان جي قيام جو مطالبو به ڪيو ويو هو ۽ انهي مناسبت سان 23 مارچ تي يوم پاڪستان ملهايو وڃي ٿو. انهن فرمايو ته تاريخي حقيقت اها آهي ته 23 مارچ 1940 تي لاهور ۾ جيڪا قرارداد منظور ٿي هئي اها قراردادِ لاهور هئي ۽ ان قرارداد ۾ پاڪستان جي قيام جو مطالبو نه ڪيو ويو هو بلڪه اهو مطالبو ڪيو ويو هو ته هندستان جا اتر اولھھ وارا علائقا جتي مسلمانن جي اڪثريت آهي انهن کي خودمختيار رياستن جو درجو ڏنو وڃي. انهن فرمايو ته تاريخي حقيقت ته اها آهي ته ان قرارداد ۾ پاڪستان جو شروع کان لفظ ئي نه هو. جناب الطاف حسين فرمايو ته شاعر مشرق علامه اقبال هڪ عظيم فلسفي ۽ وڏا شاعر هئا. پر تاريخ کي ميٽندي قوم کي اهو ٻڌايو وڃي ٿو ته علامه اقبال 1930 ۾ الھ آباد جي خطبي ۾ پاڪستان جو تصور پيش ڪيو هو، پر جڏهن ته علامه اقبال رياستن جي خودمختياري جو تصور پيش ڪيو هو. انهن فرمايو ته جيڪي قومون پنهنجي تاريخ کي ميٽي ڪري پيش ڪن ٿيون انهن جي نئين نسل صحيح رستي تي هلي نه ٿي سگهي ۽ ان ملڪ جو وجود مضبوط نه ٿو ٿئي. جناب الطاف حسين فرمايو ته هڪ انسان هجڻ جي ناطي هر شخص کي سوچڻ جو حق حاصل آهي. پر ان جي سوچ تي پابندي لڳائڻ ۽ ان کي غدار بڻائي ڪري پيش ڪرڻ ان سان نه صرف ظلم ۽ زيادتي آهي پر ان سان سنگين ڀوڳ ڪرڻ جي برابر به آهي. انهن فرمايو ته مان حقيقت بيان ڪريان ته منهنجين ڳالهين تي توجه ڏيڻ جي بجاءِ مون کي غدار قرار ڏنو وڃي ٿو. ايم ڪيو ايم کي هن ڌرتي تان ميٽڻ ۽ ان کي ٽڪڙا ٽڪڙا ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن. ايم 

ڪيو ايم جي خلاف آپريشن ڪيو پيو وڃي. اسان جي ذميوارن ۽ ڪارڪنن تي ڪوڙا مقدما قائم ڪيا پيا وڃن ۽ انهن کي سزائون ڏنيون پيون وڃن. پر جڏهن ته جيڪي ماڻهو ڪرپشن ۽ ٻين سنگين ڏوهن ۾ ملوث آهن انهن جي سرپرستي ڪئي پئي وڃي. پر جڏهن ته جن ماڻهن پاڪستان جي خاطر لکين جانين جون قربانيون ڏنيون  ۽ اڄ به پاڪستان کي مضبوط کان مضبوط تر بڻائڻ چاهين ٿا. انهن کي ته ماورائي عدالت قتل ڪيو پيو وڃي.انهن کي صفائي مهم ۾ حصو وٺڻ جي ڏوھ ۾ گرفتار ڪيو پيو وڃي ۽ انهن سان نفرت ۽ تعصب وارو سلوڪ ڪيو پيو وڃي. جن مهاجرن اوڀر پاڪستان ۾ پاڪستان کي بچائڻ جي خاطر فوج جو ساٿ ڏنو هو، اهي اڄ به بنگله ديش جي ريڊ ڪراس ڪيمپن ۾ انتهائي غربت جي زندگي گذري رهيا آهن. انهن فرمايو ته مون تي را سان تعلق جو الزام لڳايو وڃي ٿو. پر جڏهن ته اها ڳالھھ ريڪارڊ تي موجود آهي ته جيستائين مان پاڪستان ۾ رهيس ڪنهن به ڀارتي هائي ڪمشنر يا سفارتڪار سان ملاقات نه ڪئي ۽ ايترن سالن کان مان برطانيه ۾ به آهيان ۽ هتي به اڄ تائين منهنجي ڪنهن به ڀارتي سفارتڪار سان ملاقات نه ٿي آهي. ڪجھھ ڏينهن اڳ عمران خان ڪرڪيٽ ميچ ڏسڻ انڊيا  ويا، پر جيڪڏهن مان انڊيا ڪرڪيٽ ميچ ڏسڻ وڃان ها ته مون تي اهو الزام لڳايو وڃي ها ته مان را سان ملڻ ويو آهيان. انهن فرمايو ته مون تي ڀلي ڪيترائي الزام لڳايا وڃن. پر مان هڪ استاد جي حيثيت سان قوم کي حقيقتون ٻڌائيندو رهندس. ان موقعي تي ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ذميوارن، ڪارڪنن، امڙين ۽ ڀينرن قائد تحريڪ جناب الطاف حسين کي يقين ڏياريو ته ڀلي ڪيتريون ئي سازشون ڇو نه ڪري وٺجن ۽ ڪيترائي پروفيگنڊا ڇو نه ڪري وٺجن پر اسان ڪنهن به قيمت تي تحريڪ جو ساٿ نه ڇڏينداسين ۽ سمورين ڏکين حالتن جي باوجود پنهنجي جدوجهد جاري رکنداسين. 
*****

5/5/2024 5:47:13 AM