اين اي 245 جي ننڍي چونڊ جي سلسلي ۾ ايم ڪيو ايم جي نامزد اميدوار محمد ڪمال ناظم آباد گلبهار ٽائون جي يوسي 46، 47 ۽ 48 ۾ اليڪشن آفيسن جو افتتاح ڪري ڇڏيو
ڪراچي: 23 مارچ 2016
اين اي 245 جي ننڍي چونڊ جي حق پرست اميدوار محمد ڪمال چيو آهي ته 7 اپريل تي ٿيندڙ ننڍي چونڊ ۾ عوام قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي اميدوار کي ئي ڪامياب ڪرائيندا. انهن خيالن جو اظهار انهن ناظم آباد گلبهار ٽائون جي يوسين 46، 47 ۽ 48 ۾ اليڪشن آفيسن جو افتتاح ڪندي ڪيو. محمد ڪمال چيو ته مظلوم عوام جا قائد جناب الطاف حسين آهن ۽ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين کي مائنس ون ڪرڻ وارن جو خواب ڪڏهن به پورو نه ٿيندو.ان موقعي تي انهن عوام کي اپيل ڪئي ته اهي 7 اپريل تي ٿيندڙ اليڪشن ۾ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي اميدوار کي وڏي تعداد ۾ ووٽ ڏيئي ڪري ڪامياب ڪرائين.
*****