Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ڊاڪٽر فاروق ستار جي سربراهي ۾ ايم ڪيو ايم وفد جي يوم پاڪستان جي موقعي تي قائد اعظم جي مزار تي حاضري


ڊاڪٽر فاروق ستار  جي سربراهي ۾ ايم ڪيو ايم وفد جي يوم پاڪستان جي موقعي تي قائد اعظم جي مزار تي حاضري
 Posted on: 3/23/2016
ڊاڪٽر فاروق ستار  جي سربراهي ۾ ايم ڪيو ايم وفد جي يوم پاڪستان جي موقعي تي قائد اعظم جي مزار تي حاضري
ڪراچي: 23 مارچ 2016 
                  متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر فاروق ستار جي سربراهي ۾ ايم ڪيو ايم جي وفد يوم پاڪستان جي موقعي تي قائد اعظم جي مزار تي حاضري ڏني ۽ فاتحه خواني به ڪئي. ايم ڪيو ايم وفد ۾ رابطا ڪميٽي ميمبر عارف خان، محفوظ يار خان، اسيمبلي ميمبرَ، وسيم اختر ۽ ٻيا به موجود هئا. ڊاڪٽر فاروق ستار مزار تي گلن جي چادر چڙهائي ۽ ملڪ و قوم جي ترقي، خوشحالي، دهشت گردي جي خاتمي ۽ امن و امان جي لاءِ دعائون به ڪيون. ان موقعي تي ڊاڪٽر فاروق ستار ڳالھھ ٻولھھ ڪندي چيو ته اسان کي باني پاڪستان قائد اعظم محمد علي جناح جي قول اتحاد، تنظيم، يقين ۽ محڪم تي عمل پيرا ٿيڻ جي ضرورت آهي. اتحاد هوندو ته تنظيم هوندي ۽ يقين هوندو ته پاڪستان به ترقي ڪندو ۽ پوري دنيا ۾ پاڪستان جو وقار بلند ٿيندو. انهن چيو ته اسان کي پاڪستان ۾ اهڙو معاشرو ۽ قوم ٺاهڻي آهي جتي قائد اعظم جي خواب جي مطابق پاڪستان ۾ برابري جي بنياد تي وسيلن جي ورهاست ۽ مذهبي رواداري هجي . انهن چيو ته ڪراچي ۾ مڪاني اليڪشن ٿي چڪا آهن ان جي ڪري ميئر جا اليڪشن ڪرايا وڃن ۽ مقاني حڪومتن کي اختيار به ڏنا وڃن ۽ اهو ئي جمهوريت جو حسن به آهي. انهن پاڪستانين کي يوم پاڪستان جي دلي مبارڪباد پيش ڪئي ۽ دعا ڪئي ته الله تعالٰي پاڪستان ۽ پاڪستاني قوم کي هميشه ڪامياب ڪري. آمين.
*****

4/29/2024 8:59:51 AM