پاڪستان اسٽيل مل ۽ فيبر ڪيٽنگ جي ملازمن کي انهن جون پگهارون فوري طور تي ادا ڪيون وڃن. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي
ڪراچي: 22 مارچ 2016
ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي پاڪستان اسٽيل مل ۽ فيبر ڪيٽنگ جي ملازمن کي انهن جون پگهارون نه ملڻ تي وڏي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته پاڪستان اسٽيل مل ۽ فيبر ڪيٽنگ جي ملازمن کي ڪيترن ئي مهينن کان پگهارون نه ملڻ وڏو ظلم ۽ ناانصافي آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته پگهارون نه ملڻ تي انهن جي گهرن ۾ فاقا ڪشي ٿي رهي آهي. جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. رابطا ڪميٽي وزير اعظم ميان نواز شريف کان مطالبو ڪيو ته اهي پاڪستان اسٽيل مل ۽ فيبر ڪيٽنگ جي ملازمن کي پگهارون ڏيارڻ جي لاءِ فوري طور تي پنهنجو ڪردار ادا ڪن.
*****