ڪراچي ۾ پاڻي جي سخت ڪمي تي حق پرست اسيمبلي ميمبرن جي طرفان ڳڻتي جو اظهار
ڪراچي: 22 مارچ 2016
سنڌ اسيمبلي جي حق پرست ميمبرن ڪراچي ۾ پاڻي جي سخت ڪمي تي وڏي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ انهن چيو ته ڪراچي ۾ پاڻي جي سخت قلت جي ڪري شهري پيسن سان ٽينڪر خريد ڪري رهيا آهن . انهن چيو ته پاڻي جي قلت جي ڪري مسجدن، اسپتالن ۽ تعليمي ادارن جي صورتحال به تمام گهڻي خراب ٿي چڪي آهي. انهن چيو ته حڪومت پاڻي جي قلت تي ڪائي به توجه نه ڏيئي رهي آهي. جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. انهن وزير اعظم ميان نواز شريف ۽ وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ کان مطالبو ڪيو ته اهي ڪراچي ۾ پاڻي جي قلت جو سخت نوٽس وٺن ۽ پاڻي جي قلت کي فوري طور تي ختم ڪرائين.
*****