Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

بيلجيئم جي گادي جي هنڌ برسلز ۾ بم ڌماڪن تي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر فاروق ستار جي طرفان مذمت جو اظهار


بيلجيئم جي گادي جي هنڌ برسلز ۾ بم ڌماڪن تي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر فاروق ستار جي طرفان مذمت جو اظهار
 Posted on: 3/22/2016
بيلجيئم جي گادي جي هنڌ برسلز ۾ بم ڌماڪن تي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر فاروق ستار جي طرفان مذمت جو اظهار
ڪراچي: 22 مارچ 2016 
                    متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر فاروق ستار بيلجيئم جي گادي جي هنڌ برسلز  ۾ايئرپورٽ ۽ ميٽرو اسٽيشن جي ويجهو هڪ ٻئي پٺيان ڪيترن ئي بم ڌماڪن جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ انهن بم ڌماڪن ۾ ڪيترن ئي ماڻهن جي  هلاڪ ۽ زخمي ٿيڻ تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته مذهبي انتها پسندي ۽ دهشت گردي پوري دنيا جي امن جي لاءِ سنگين خطرو بڻجي چڪي آهي ۽ دهشت گردي جي عذاب جي خاتمي جي لاءِ  عالمي دنيا کي گڏجي ويهي ڪري مثبت ۽ ٺوس پاليسيون مرتب ڪرڻ گهرجن ته جيئن سڄي دنيا کي مذهبي انتها پسندي کان نجات ڏياري سگهجي. انهن برسلز  بم ڌماڪن ۾ قيمتي جاني نقصان تي بيلجيئم جي وزير اعظم، حڪمران جماعت، عوام ۽ خصوصن هلاڪ ٿيندڙ ماڻهن جي پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي چيو ته ايم ڪيو ايم جا ڪروڙين ڪارڪن ۽ همدرد عوام ان ڏک جي گهڙي ۾ اوهان سان گڏ آهن. انهن زخمي ٿيندڙن جي جلد و مڪمل صحتيابي جي لاءِ دعا به ڪئي.
*****

4/29/2024 4:16:37 AM