Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ڇاپا ، گرفتاريون ۽ ظلمَ حق پرست عوام کي حقن جي جدوجهد کان باز رکي نه ٿا سگهن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين


ڇاپا ، گرفتاريون ۽ ظلمَ حق پرست عوام کي حقن جي جدوجهد کان باز رکي نه ٿا سگهن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
 Posted on: 3/21/2016
ڇاپا ، گرفتاريون ۽ ظلمَ حق پرست عوام کي حقن جي جدوجهد کان باز رکي نه ٿا سگهن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
ڪراچي، حيدرآباد ۽ ميرپورخاص ۾ بزرگن ۽ عورت ڪارڪنن کي ٽييلفونڪ خطاب
لنڊن: 22 مارچ 2016 
                 متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته ڌمڪين، ڇاپن ، گرفتارين ۽ ظلمن  سان ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ حق پرست عوام کي حقن جي جدوجهد کان باز رکي نه ٿو سگهجي. حق پرست ڪارڪن ۽ عوام اهو گڏيل فيصلو ڪيو آهي ته ڀلي هڪ هڪ حق پرست کي گرفتار ڇو نه ڪيو وڃي  پر باطل قوتن جي اڳيان اهي پنهنجو سر نه جهڪائيندا. انهن خيالن جو اظهار انهن ڪراچي، حيدرآباد ۽ ميرپورخاص ۾ بزرگن ۽ عورت ڪارڪنن کي هڪ ئي وقت ٽيليفونڪ خطاب ڪندي فرمايو. ان موقعي تي امڙين، ڀينرن ۽ بزرگن جناب الطاف حسين سان پنهنجي تمام گهڻي عقيدت ۽ محبت جو اظهار به ڪيو ۽ انهن جي حق ۾ وڏي دير تائين نعرا به هنيا.  پنهنجي خطاب ۾ جناب الطاف حسين رينجر جي هٿان رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينر شاهد پاشا جي بي ڏوهي گرفتاري جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪندي فرمايو ته گذريل ڏينهن ڪورنگي ۾ ايم ڪيو ايم جي ٻن همدردن ڪامران ۽ شمائل بيگ کي ماورائي عدالت قتل ڪري انهن جي لاشن کي روڊن تي اڇلايو ويو هو  جن کي 

نومبر ۾ گرفتار ڪيو ويو هو ۽ اڄ رينجر شاهد پاشا کي انهن جي گهر تان گرفتار ڪري ورتو. انهن فرمايو ته هڪ طرف ته ايم ڪيو ايم جي بي ڏوهي اڳواڻڻ ۽ ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو پيو وڃي ته ٻئي طرف جن ڏوهاري ماڻهن جا نالا جي آئي ٽي ۾ شامل آهن ۽ جن جا نالا سرڪاري اهلڪار جي آئي ٽي جي حوالي سان به وٺندا رهيا آهن ته اهي ڏوهاري سرگرمين، ڀتا خوري، قتل و غارتگري ۽ چائينا ڪٽنگ ۾ ملوث آهن، پر انهن کي ته خصوصي جهاز ۾ ڪراچي آڻي ڪري ڪراچي جي مهانگن علائقن ۾ رهايو پيو وڃي ته جيئن ايم ڪيو ايم جي خلاف سازشن تي عمل ڪيو وڃي. انهن فرمايو ته ڪربلا جي ميدان ۾ حضرت امام حسين عليه السلام پنهنجي ناني حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جي دين مبارڪ جي تحفظ جي لاءِ پنهنجو سر ته ڪٽرائي ڇڏيو هو پر يزيد جي بيعت نه ڪئي هئي  ۽ مان ۽ منهنجا پرعزم ساٿي به حسينيت جي مڃڻ وارا آهيون ۽ اسان به پنهنجو سر ته ڪٽرائي سگهون ٿا پر باطل قوتن ۽ يزيديت جي اڳيان پنهنجو سر هرگز به نه جهڪائينداسين . انهن فرمايو ته ايم ڪيو ايم کي ڪڇلڻ ۽ هن ڌرتي تان مٽائڻ جي سازشن ۾ ناڪامي کان پوءِ هاڻي ڪريل حرڪتون اختيار ڪندي ايم ڪيو ايم جي اڳواڻڻ ۽ چونڊيل نمائندن کي ٽيليفون تي ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن ته ايم ڪيو ايم ۽ الطاف حسين جو ساٿ ڇڏي ڏيو نه ته توهان کي سنگين نتيجا ڀوڳڻا پوندا. جيڪي عناصر اهو سمجهن ٿا ته ڌمڪين ، ڇاپن ۽ گرفتارين سان اهي حق پرست ڪارڪنن ۽ عوام کي خوف زده ڪري ڇڏيندا ته انهن کي ياد رکڻ گهرجي ته الله تعالٰي اسان کي مضبوط ايمان ڏنو آهي ۽ اسان الله تعالٰي کان سواءِ ڪنهن کان به نه ٿا ڊڄون. انهن فرمايو ته مون کي الله تعالٰي جي ذات مبارڪ ۽ پنهنجن مخلص امڙين، ڀينرن، بزرگن ۽ تحريڪي ساٿين تي يقين آهي ته ظلم ۽ ڏاڍ جو ڪوئي به هٿڪنڊو انهن کي حق پرستي جي جدوجهد کان باز رکي نه ٿو سگهي. ان موقعي تي بزرگن ۽ عورتن مهاجرن جي اتحاد کي نقصان پهچائڻ جي سازشن ۾ ملوث عناصر ۽ تحريڪ جي خلاف عمل ڪرڻ وارن بي ضميرن جي خلاف سخت نعري بازي به ڪئي. 
*****


4/29/2024 1:17:37 AM