ممتاز اينڪر ۽ مذهبي اسڪالر ڊاڪٽر عامر لياقت حسين کي مڪمل تحفظ فراهم ڪيو وڃي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي
لنڊن: 22 مارچ 2016
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي ممتاز اينڪر ۽ مذهبي اسڪالر ڊاڪٽر عامر لياقت حسين کي طالبان جي طرفان ملندڙ ڌمڪين جي سخت مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته ڊاڪٽر عامر لياقت حسين مذهبي رواداري ۽ برداشت جي فروغ جي لاءِ ڪوشان آهن ۽ طالبان جي طرفان انهن کي ملندڙ ڌمڪيون وڏي ڳڻتي جي ڳالھھ آهي. رابطا ڪميٽي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ڊاڪٽر عامر لياقت حسين کي مڪمل تحفظ فراهم ڪيو وڃي. رابطا ڪميٽي ان موقعي تي ڊاڪٽر عامر لياقت حسين سان مڪمل يڪجهتي ۽ همدردي جو اظهار به ڪيو.
*****