Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم جي اڳواڻڻ، ڪارڪنن ۽ چونڊيل نمائندن جي ڇتين گرفتارين کي سامهون رکندي صفائي مهم معطل ڪئي وئي آهي.نديم نصرت جي زير صدارت ٿيندڙ رابطا ڪميٽي جي هنگامي اجلاس ۾ فيصلو


ايم ڪيو ايم جي اڳواڻڻ، ڪارڪنن ۽ چونڊيل نمائندن جي ڇتين گرفتارين کي سامهون رکندي صفائي مهم معطل ڪئي وئي آهي.نديم نصرت جي زير صدارت ٿيندڙ رابطا ڪميٽي جي هنگامي اجلاس ۾ فيصلو
 Posted on: 3/22/2016
ايم ڪيو ايم جي اڳواڻڻ، ڪارڪنن ۽ چونڊيل نمائندن جي ڇتين گرفتارين کي سامهون رکندي صفائي مهم معطل ڪئي وئي آهي.نديم نصرت جي زير صدارت ٿيندڙ رابطا ڪميٽي جي هنگامي اجلاس ۾ فيصلو
لنڊن: 22 مارچ 2016 
                متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي رينجر جي هٿان ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جي اڳواڻڻ، ڪارڪنن ۽ چونڊيل نمائندن جي ڇتين گرفتارين کي سامهون رکندي صفائي مهم کي في الحال ملتوي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان ڳالھھ جو فيصلو ايم ڪيو ايم جي ڪنوينر نديم نصرت جي صدارت هيٺ ٿيندڙ رابطا ڪميٽي جي هڪ هنگامي اجلاس ۾ ڪيو ويو. جنهن ۾ گذريل 24 ڪلاڪن جي دوران اڳواڻڻ ، ڪارڪنن ۽ چونڊيل نمائندن جي گرفتارين جي وڌندڙ واقعن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس جي آخر ۾ جاري ٿيندڙ اعلاميي ۾ چيو ويو آهي ته رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينر شاهد پاشا، بلديه ٽائون يوسي 29  جي چيئرمين نادر حسين، گلستان جوهر جي ڪائونسلر نعمان ملڪ ۽ ٻين علائقن مان ڪيترن ئي ڪارڪنن جون ڇتيون گرفتاريون  اسٽيبلشمينٽ جي طرفان ايم ڪيو ايم کي ڀت سان لڳائڻ جي سازشن جو حصو آهن. رابطا ڪميٽي چيو ته پاڪستان جي قيام کان وٺي ڪري ئي سنڌ جي شهري علائقن سان ناانصافيون ڪيون پيون وڃن، نوڪرين، تعليم، ترقياتي فنڊن ۽ سياسي نمائندگي سميت سمورن شعبن ۾ شهري علائقن جي عوام سان پاڪستان جي حڪمرانن هميشه ماٽيلي ماءُ جهڙو سلوڪ ڪيو آهي ايستائين جو آدمشماري ۾ به ڪراچي ۽ حيدرآباد جي آبادي هڪ سازش جي تحت هميشه گهٽ ڏيکاري وئي آهي. انهي عصبيت ۽ نفرت جي ڪري پاڪستان کي سڀني کان وڌيڪ روينيو ڏيڻ وارو شهر ڪچري جو ڍير بڻجي چڪو آهي. انهن چيو ته مڪاني اليڪشن کي چار مهينا ٿي چڪا آهن پر مڪاني ادارن جو انتظام متحده قومي موومينٽ جي چونڊيل قيادت کي منتقل نه ٿو ڪيو وڃي. رابطا ڪميٽي چيو ته ان ڳالھھ کان ئي تنگ ٿي ڪري ايم ڪيو ايم پنهنجي مدد پاڻ جي تحت ڪراچي ۾ صفائي مهم جو آغاز ڪيو هو، پر اسٽيبلشمينٽ پوليس، رينجر ۽ ٻين قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جي ذريعي ايم ڪيو ايم کي صفائي مهم کان روڪي رهي آهي ۽ صفائي مهم ۾ مصروف ايم ڪيو ايم جي يوسي چيئرمين نادر حسين ۽ هڪ ڪائونسلر نعمان ملڪ کي به ٻه ڏينهن اڳ ئي صفائي مهم کان گرفتار ڪيو ويو آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته ايم ڪيو ايم جي چونڊيل نمائندن، عهديدارن ۽ ڪارڪنن جي ڇتين گرفتارين، ڇاپن، ۽ ٻين رياستي ظلمن ۾ جهڙي طرح سان تيزي پيدا ڪئي وئي آهي، ان کي سامهون رکندي في الحال صفائي مهم کي ملتوي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. رابطا ڪميٽي مطالبو ڪيو ته ايم ڪيو ايم جي چونڊيل مڪاني نمائندن، عهديدارن ۽ ڪارڪنن جي گرفتارين جو سلسلو بند ڪيو وڃي ۽ گرفتار ٿيل مڪاني نمائندن ۽ ڪارڪنن کي فوري طور تي آزاد ڪيو وڃي.
*****

4/29/2024 4:05:13 AM